خان  ريفرنڊم جي حمايت ڪيئن ڪندو؟ علامه راجا

خان ريفرنڊم جي حمايت ڪيئن ڪندو؟ علامه راجا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته جيڪو باني پي ٽي آءِ پارلياماني ڪاميٽين ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي شامل ٿيڻ جي اجازت نه پيو ڏئي، اهو ڪيئن ريفرنڊم ۽ نون صوبن بابت حڪومت جي حمايت ڪرڻ لاءِ چوندو؟ اهو باني پي ٽي آءِ جي پنهنجي ئي بيانئي جي ابتڙ آهي. ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين باني پي ٽي آءِ جو پيغام سڌو سنئون پاڻ کان نه ٻڌنداسين، تيستائين ڪنهن جي به ڳالهه تي يقين نه ڪنداسين. علامه ناصر عباس جو چوڻ هو ته مان ۽ محمود خان اچڪزئي باني پي ٽي آءِ کي سياسي طور مائنس ٿيڻ نه ڏينداسين. هن مولانا فضل الرحمان خلاف حڪومتي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ نواز شريف کي اڳيان اچي ڳالهائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو