ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خميس ڏينهن پاڪستان ۾ ”سیاسي ريسيٽ“ (سياسي نظام جي نئين سر ترتيب) واري پنهنجي موقف کي ورجائيندي چيو آهي ته عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ۽ سچ ٻڌائڻ سياسي اڳواڻن جي بنيادي ذميواري آهي. پنجاب جي چند ڏينهن واري دوري دوران ملتان پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو: ”منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته هي نظام خلوص سان عوام جي خدمت ڪري ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان معاشي توڙي پرڏيهي چئلينجن جي آڏو سگھارو ٿي بيهي، ته پوءِ اسان کي جلد کان جلد اهڙا قدم کڻڻا پوندا جن سان سياسي استحڪام، اتحاد ۽ سڀني ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي. هن دوري دوران هو ملتان، ڊيرا غازي خان ۽ مظفر ڳڙهه جا دورا ڪري چڪو آهي. پي پي پي چيئرمين ان ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ، وفاقي ڪابينا، سيمينارن يا ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ جاري بحثن دوران عوام جي بنيادي مسئلن تي ڪائي توجهه ناهي ڏني ويندي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو: ”عوام ٻن وقتن جي مانيءَ کان پريشان آهي، ماڻهو ان سوچ ۾ آهن ته اهي پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارين يا پنهنجن بزرگن لاءِ دوائن جو بندوبست ڪن. پي پي پي چيئرمين جا اهي بيان ملڪ اندر ”سسٽم ريسيٽ“ جي هلندڙ بحث جي تناظر ۾ سامھون آيا آهن. ياد رهي ته جولاءِ ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هڪ نئون سياسي بحث ۽ طوفان بيھاريو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته موجوده حڪمرانيءَ جو نظام ”ناڪام/تپاهه“ ٿي چڪو آهي ۽ ان کي ريسيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.ان جي ردِعمل ۾ 17 نومبر تي هڪ سخت ۽ بااثر تقرير ڪندي بلاول چيو هو ته حڪمرانيءَ جو نظام پاڻمرادو ناڪام ناهي ٿيو، بلڪه ان کي ”ناڪام ڪيو ويو آهي“.ان ئي تسلسل کي برقرار رکندي، پي پي پي چيئرمين سومر واري ڏينهن پارليامينٽ جي بالادستي، عدليه ۽ چونڊ نظام تي عوام جي اعتماد کي بغير دير بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.










