اي ڊي بي پاران پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

اي ڊي بي پاران پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. بئنڪ موجب قرض پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اي ڊي بي موجب مالي سهڪار سان پائيدار ترقياتي منصوبن جي تياري، سيڙپڪاري لائق منصوبن جي سڃاڻپ ۽ معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ مدد ملندي. منصوبي تحت وفاقي سطح تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجڪاري جي شعبن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ سان گڏ چئن وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ خصوصي يونٽ قائم ڪيا ويندا. بئنڪ موجب 2026ع کان 2030ع تائين جي وچولي مدي واري سيڙپڪاري منصوبن جي پائپ لائن پڻ منظور ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو