بي آر ٽي نظام کي 1 گڏيل آپريشنل نظام هيٺ آڻڻ جي رٿابندي

بي آر ٽي نظام کي 1 گڏيل آپريشنل نظام هيٺ آڻڻ جي رٿابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان هڪ پرڏيهي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ فني سهڪار، ٽين جنريشن بي آر ٽي نظام ۽ گڏيل پبلڪ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪن لاءِ جديد ٽيڪنيڪي حلن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جو سيڪريٽري اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جو سي اي او زبير احمد چنا، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو ايم ڊي شعيب احمد ملڪ ۽ ريڊ لائين توڙي ييلو لائين منصوبن جا عملدار پڻ شريڪ هئا. وفد سينيئر وزير کي ٽرانسپورٽ منصوبن ۾ سافٽ ويئر ۽ هارڊويئر، ڊيٽا سينٽرن ۽ گڏيل نظام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي سمورن بي آر ٽي نظامن کي هڪ گڏيل آپريشنل نظام ۽ گڏيل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر هيٺ آڻڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. ان مقصد لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، اسمارٽ ڀاڙو وصولي نظام ۽ مختلف ٽرانسپورٽ رستن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته مقصد اهڙو گڏيل ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جوڙڻ آهي، جنهن ۾ مختلف بي آر ٽي لائينن جي آپريشن ۽ رستن جي نگراني جديد ۽ اثرائتي نظام تحت ٿي سگهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام کي جديد، اثرائتو ۽ عالمي معيارن موجب بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي توڙي عالمي تجربن مان فائدو وٺندي شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ جديد سافٽ ويئر، هارڊويئر، ڊيٽا سينٽرن ۽ گڏيل ٽرانسپورٽ نظام جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو