ملتان بار، تجارتي مقصد لاءِ عدالتي جاءِ استعمال ڪرڻ تي ڌرين کي نوٽيس

ملتان بار، تجارتي مقصد لاءِ عدالتي جاءِ استعمال ڪرڻ تي ڌرين کي نوٽيس

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اربع ڏينهن هڪ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ ملتان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ضلعي ڪورٽن جي احاطي ۾ موجود جڳهه کي مبينا طور تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي قانوني اختيار بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
مقامي واپاري فاروق احمد ڀٽي پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ملتان ڪمشنر، پنجاب حڪومت، پنجاب بار ڪائونسل ۽ ملتان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي ڌريون بڻايو ويو آهي.
درخواستگذار ذاتي طور عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ضلعي بار ايسوسيئيشن اهڙين جڳهن جو معاملو ڪري رهي آهي، جيڪي ان جي ملڪيت ناهن.
هن 30 سيپٽمبر تي ڊپٽي ڪمشنر وٽ درخواست جمع ڪرائي، جنهن کانپوءِ 16 آڪٽوبر تي ياد ڏياريندڙ درخواست پڻ ڏني، جنهن ۾ لاڳاپيل سرڪاري رڪارڊ طلب ڪيو ويو هو.
هن انتظامي مداخلت لاءِ ملتان ڪمشنر سان پڻ رابطو ڪيو.
بهرحال، هن الزام لڳايو ته ٻنهي اختيارين نه ته گهربل معلومات فراهم ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن فيصلي بابت کيس آگاهه ڪيو.
درخواستگذار دليل ڏنو ته انتظامي اختيارين جي مبينا بي عملي آئين جي آرٽيڪل 19-اي تحت سندس معلومات حاصل ڪرڻ واري آئيني حق جي ڀڃڪڙي آهي.
هن عدالت کان استدعا ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي وڃي ته ضلعي ڪورٽن جي اندر ۽ ٻاهر وڪيلن جي چيمبرن ۽ پارڪنگ جي جڳهن کي وڪرو ڪرڻ، الاٽ ڪرڻ، ليز تي ڏيڻ، نيلام ڪرڻ، انتظام ڪرڻ يا تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي اختيار ڏيندڙ ڪنهن به اجازت، اختيارنامي، منظوري يا اختيارن جي منتقلي واري دستاويز جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم ڪئي وڃي.
عدالت ڌرين کي 3 ڊسمبر تائين پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو