لاھور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس مخالف ڌر جي جماعت جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي ڪيترن ئي اهم ڳواڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري تصديق ڪئي آهي ته پنجاب پوليس مولانا عبدالغفور حيدري، امير پنجاب مولانا امجد خان ۽ ملڪ اويس سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جي يو آءِ ترجمان سوال اٿاريندي چيو ته مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر آهن، ٻڌايو وڃي ته ڇا سندس گرفتاري اسپيڪر اياز صادق جي اجازت سان ڪئي وئي آهي؟ اسلم غوري وڌيڪ چيو ته حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن قافلن جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، سج بيٺل آهي پر حڪومت ڌنڌ جو بهانو ڪري موٽر وي بند ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته حڪومت بوکلائجي وئي آهي ۽ پرامن ڪانفرنس جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهي آهي. جي يو آءِ جي ترجمان ٻڌايو آهي ته پنجاب جي مختلف هنڌن کان سرگوڌا ڏانهن ايندڙ رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا. پنجاب پوليس ڪانفرنس جو پنڊال فاطمه جناح روڊ بند ڪرائي ڇڏيو.وفاق المدارس العربيه پاڪستان پنجاب جي ناظم مفتي عبدالرحمان صاحب کي ايس پي عمران جي حڪم تي ايس ايڇ او ميلا شهـباز گرفتار ڪري ورتو. ترجمان چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ضلعي ڊيرا غازي خان جي امير عبدالعزيز بلوچ صاحب کي اڄ صبح 9 وڳي کان بنا ڪنهن جواز جي سندس ضلعي آفيس ۾ محصور ڪرڻ ۽ مسلسل هراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.کيس ضروري دوائن تائين رسائي نه ڏيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ بنيادي انساني حقن جي ابتڙ عمل آهي. اسان هن غير جمهوري قدم جي فوري خاتمي، سندس آزادي ۽ ضروري دوائن جي فراهميءَ جو مطالبو ڪريون ٿا. انتظاميا ميانوالي-سرگوڌاا روڊ چڪ قدرت آباد ويجهو بند ڪري ڇڏيو. جهلم-خوشاب پل پڻ انتظاميا بند ڪري ڇڏي. انتظاميا پارڪ ويو سوسائٽي جا رستا پڻ بند ڪري ڇڏيا. جمعيت علماءِ اسلام جو امير مولانا فضل الرحمان پارڪ ويو سوسائٽي ۾ رهائش پذير آهي. ڊيرا اسماعيل خان کي پنجاب سان ملائيندڙ پل پڻ بند ڪري ڇڏي. جمعيت علماءِ اسلام جي قافلي کي روڪيو ويو. قافلي جي قيادت انجنيئر ضياءُ الرحمان ڪري رهيا هئا.










