بلوچستان ۾ فورسز جون ڪارروايون، 12 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ فورسز جون ڪارروايون، 12 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون ڪري 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 20 نومبر کان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪيا، جيڪي نوشڪي، سبي، پنجگور ۽ ڪيچ ضلعن ۾ ڪيا ويا.آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران ڀارت جي پٺڀرائي رکندڙ فتنه الخوارج جا 12 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته 20 نومبر تي نوشڪي ۾ دهشتگردن سان سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 خوارج مارجي ويا، جن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. سبي ۾ 21 نومبر تي دهشتگردن جي چرپر روڪڻ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پنجگور ۽ ڪيچ ۾ 22 ۽ 23 نومبر تي ٻن الڳ ڪاررواين دوران دهشتگردن جا 2 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته انهن ڪاررواين ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڀارتي پٺڀرائيءَ سان سرگرم دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشنن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف اثرائتي ڪارروائين ۽ کين انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون لڳاتار ڪاميابيون ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سندن عزم ۽ قربانين جو مظهر آهن. فتنه الهندستان ۽ ٻاهرين پٺڀرائيءَ سان سرگرم دهشتگرد عنصرن جو مڪمل خاتمو قومي سلامتيءَ لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي هر علائقي مان ٻاهرين سرپرستي ۽ سهڪار سان سرگرم دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف پڻ بلوچستان ۾ ڪامياب ڪاررواين دوران ڀارت جي حمايت رکندڙ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته ڀارت جي پٺڀرائيءَ سان سرگرم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون فخر جوڳيون آهن. پرڏيهي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ کي پاڙان پٽي اڇلائينداسين، سڄي قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ غازين جون قربانيون رائگان نه وينديون، بلوچستان ۾ امن ۽ ترقيءَ جي دشمنن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو