سيڪريٽري بلديات ۽ 16 آفيسر معطل، ڊي سي ۽ ايس ايس پي فارغ

سيڪريٽري بلديات ۽ 16 آفيسر معطل، ڊي سي ۽ ايس ايس پي فارغ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچ ڪالوني ۾ عمارت ڪرڻ بابت وڏي وزير سيد مراد شاهه هنگامي اجلاس جي صدارت دوران سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد جينهن وٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي به چارج هئي کيس فوري طورمعطل ڪري عهدي تان هٽائي وفاقي حڪومت کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي سندس خلاف وفاقي حڪومت ڪاروائي ڪري. هن ڪراچي اولهه جي ڊي سي نصرالله عباسي ۽ ايس ايس پي زبير شيخ کي عهدن تان هٽائي جانچ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 16 لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري سندن خلاف جانچ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير عمارت جي مالڪ سلمان طاهر ۽ بلڊر ذيشان کي گرفتار ڪرڻ حڪم ڏنو آهي ۽ هدايت ڪئي ته نقشو ٺاهيندڙ آرڪيٽيڪٽ خلاف به جاچ ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ناقص تعميرات قبول ناهي، عوام جي جان مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ سيد ناصر شاهه، ضيا لنجار، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڪراچي جي ايڊمن سوسائٽي ۾ عمارت ڪرڻ جو ڪيس ٽيپو سلطان ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل، غفلت، لاپرواهي سميت ٻيون شقون شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 10 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن مان چئن نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ بلوچ ڪالوني ويجهو ڇهه ماڙ نئين تعمير ٿيل عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 14 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ملبي مان ڪڍيو ويو. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڃا به ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل ٿي سگهن ٿا. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته رهائشي پلاٽ تي مبينا طور ڪمرشل اڏاوت ڪئي وئي هئي. عمارت جي ٺيڪيدار ۽ مالڪ جي ڀاءُ سميت پنجن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو