ٿرپارڪر: (ن س) سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (ايس پي يو) جي اهلڪار پاڻ کي گولي هڻي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ ڊيوٽي دوران ايس پي يو اهلڪار ادب حسين دايو مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي زندگي جو انت آندو.اختيارين جو چوڻ هو ته واقعي جو شروعاتي طور ڪو به سبب سامهون نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته فوتي اهلڪار جو تعلق جيڪب آباد سان هو. سندس مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي، اهلڪار جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حساس ادارا پڻ معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن.










