ٿرڊ پارٽي ملازمن جي مستقلي بابت آئيني عدالت جو اهم فيصلو

ٿرڊ پارٽي ملازمن جي مستقلي بابت آئيني عدالت جو اهم فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ٽئين ڌر جي ٺيڪيدار ذريعي ڀرتي ٿيل ملازم کي مستقل ڪرڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪندي اين آءِ آر سي ۽ هاءِ ڪورٽ جا حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.جسٽس عامر فاروق 18 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جنهن سان جسٽس روزي خان اتفاق ڪيو، جڏهن ته جسٽس ارشد حسين اختلاف ڪيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڊگهي عرصي تائين ملازمت ڪرڻ يا 9 مهينن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ سان ملازم کي مستقل ٿيڻ جو پاڻمرادو حق نٿو ملي. قانون يا پاليسي کانسواءِ ڪنهن ملازم کي مستقل ڪرڻ جو حق حاصل ناهي. فيصلي موجب، لاڳاپيل ملازم جي پگهار ۽ برطرفي جا معاملا ٺيڪيدار جي اختيار ۾ هئا، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ سڌي ريت پگهار ادا نه ڪندو هو، تنهنڪري اسٽيٽ بئنڪ کي ملازم مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ درست نه هو. ٻئي طرف جسٽس ارشد حسين پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته ٺيڪيدار ذريعي ڀرتي يا آئوٽ سورسنگ جو ليبل ڪنهن ملازم جا قانوني حق ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4 ۽ 25 تحت قانوني تحفظن کي معاهدن ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو