داعش جي حمايت،آمريڪي شهري کي 15 سال قيد جي سزا

داعش جي حمايت،آمريڪي شهري کي 15 سال قيد جي سزا

واشنگٽن)ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پابندي مڙهيل شدت پسند تنظيم داعش جي حمايت، تنظيم جي حق ۾ پروپيگنڊا پکيڙڻ ۽ ايف بي آءِ سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ هڪ آمريڪي شهري کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.آمريڪي انصاف واري کاتي ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو ته 30 ورهين جي انس سعد کي داعش جي دهشتگرد سرگرمين ۾ سهڪار لڪائڻ ۽ وفاقي جاچ اداري ايف بي آءِ کي گمراهه ڪرڻ جي الزامن هيٺ سزا ٻڌائي وئي آهي. آمريڪي اختيارين موجب انس سعد داعش جي حق ۾ وڊيوز ۽ پوسٽر تيار ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. جوابدار سوشل ميڊيا ذريعي داعش جو پروپيگنڊا پکيڙيندو رهيو، جڏهن ته ٽيليگرام تي داعش جي حامين سان رابطي ۾ رهڻ سان گڏ انهن سان مشورا به ڪندو هو. انصاف واري کاتي موجب انس سعد پنهنجون تيار ڪيل پروپيگنڊا وڊيوز داعش سان لاڳاپيل ميڊيا اداري ڏانهن به موڪليون هيون، جن ذريعي دهشتگرد تنظيم جي نظرين ۽ سرگرمين جي تشهير ڪئي پئي وئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ايف بي آءِ کان هٿيارن بابت ڄاڻ لڪائڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جو به اعتراف ڪيو هو.عدالتي فيصلي موجب انس سعد کي مجموعي طور 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته آزاد ٿيڻ کانپوءِ به کيس سڄي عمر نگرانيءَ ۾ رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو