اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت جنوري کان سيپٽمبر 2026 پيٽروليم شين تي لڳايل ليوي جي مد ۾ عوام کان هڪ هزار 126 ارب 34 ڪروڙ روپيه وصول ڪيا آهن.نجي ٽي وي جي رپورٽ ۾ ملندڙ انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال جي شروعاتي 9 مهينن جي دوران پيٽروليم ليوي جي وصولين جو حجم 1100 ارب روپين کان وڌي ويو آهي.حڪومت طرفان پيٽروليم شين تي لڳايل انهي ليوي جي ذريعي عوام کان ٽيڪس(ليوي) جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف انهي وقت ۾ پيٽروليم شين تي لڳايل ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي تحت به تقريبن 47 ارب روپيه وصول ڪيا ويا آهن.اقتصادي ماهرين جو چوڻ آهي ته جنوري کان سيپٽمبر 2026 جي دوران حڪومت پيٽروليم ليوي سان گڏوگڏ ڪلائميٽ سرپورٽ ليوي جي مد ۾ به اربين روپيه جمع ڪري ورتا آهن جيڪو عوام تي ڳرو بار وجهڻ جي برابر آهي.










