گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾اختلافن سبب معاهدو نه ٿي سگهيو

گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾اختلافن سبب معاهدو نه ٿي سگهيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ترڪيه ۾ گڏيل قومن جي COP31 موسمياتي ڳالهين دوران فوسل فيولز ۽ مالي معاملن تي سخت اختلاف سامهون اچڻ کان پوءِ دنيا جا مختلف ملڪ موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن وڏي نئين معاهدي تي پهچڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.
ڳالهين کي جمعي ڏينهن ختم ٿيڻو هو، پر گڏيل نقطي تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ اهي آچر تائين جاري رهيون، جنهن سبب اها گڏيل قومن جي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهي موسمياتي ڪانفرنس بڻجي وئي.
پر آخري معاهدو يورپي يونين، پئسفڪ ٻيٽن جي ملڪن ۽ ٻين لاءِ قبولڻ جوڳو نه هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ فوسل فيولز جو سڌو سنئون ذڪر نه ڪيو ويو، جڏهن ته اهي عالمي گرميءَ ۾ واڌ جو بنيادي سبب آهن.
ٻئي طرف، ڪيترن ئي غريب ملڪن ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته امير ملڪن طرفان وڌندڙ گرمي پد جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا واضح مالي مدد ڏيڻ جو واعدو موجود نه هو.
آخري ڀيرو ڪنهن COP ڪانفرنس جو مکيه سياسي معاهدو اهڙي طرح 2009ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ناڪام ٿيو هو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جيڪو عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ پنهنجي آخري COP ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو هو، چيو ته هو ”سخت مايوس“ آهي.
هن انهن ماڻهن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جن کي هن ”فوسل فيولز جا طاقتور مفاد“ قرار ڏنو ۽ چيو ته اهي ”وڏي تمباڪو ڪمپنين جي حڪمت عمليءَ جي پيروي ڪري رهيا آهن: سائنس کي مسخ ڪرڻ، پاليسين ۾ دير ڪرڻ، ڪارروائي روڪڻ ۽ وڏا منافعا ڪمائڻ، جڏهن ته سڄي دنيا جا ماڻهو ان جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن.“
آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني البانيز، جنهن جي ملڪ گڏيل طور ڳالهين جي ميزباني ڪئي، ناڪاميءَ جو سبب ”مشڪل جيوپوليٽيڪل حالتون“ قرار ڏنو. هن سومر ڏينهن چيو ته ”اها ئي حقيقت آهي.“
ٻن هفتن جي ڳالهين کان پوءِ، اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ٿڪل وفدن کي آچر جي صبح سوير نئين مسودي واري معاهدي جي ڪاپي ڏني وئي.
پر ان متن ۾ ڪٿي به ”فوسل فيولز“ جا لفظ موجود نه هئا. ڪوئلي، تيل ۽ گئس جو واحد اڻ سڌو حوالو 2023ع ۾ COP28 تي ٿيل معاهدي ڏانهن اشارو هو، جنهن ۾ ملڪن توانائيءَ جي نظامن ۾ فوسل فيولز کان آهستي آهستي پري ٿيڻ تي اتفاق ڪيو هو.
يورپي يونين جي نمائندي، آئرلينڊ جي وزير ڊاراگ اوبرائن، واضح ڪيو ته يورپي يونين ان تي ”سخت“ اعتراض ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ موجب ”فيصلا موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل عزم جي سطح کان تمام گهڻو گهٽ آهن.“
هن چيو ته ”اهو ناقابلِ قبول آهي ته اسان وٽ اهڙو موسمياتي معاهدو هجي، جنهن ۾ فوسل فيولز جو ذڪر ئي نه هجي.“
COP31 جي ناڪام موسمياتي ڳالهين مان پنج اهم نتيجا
پناما ۽ مارشل ٻيٽن جهڙن ٻين ملڪن پڻ معاهدي تي تنقيد ڪئي ته اهو موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ رفتار کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي قدم نٿو کڻي.
سومر ڏينهن معاهدي جي پهرين مسودي ۾ ”فوسل فيول“ يا ”فوسل فيولز“ جو ذڪر ڇهه ڀيرا ڪيو ويو هو، پر تيل پيدا ڪندڙ ملڪن لاءِ اهو قبولڻ جوڳو نه هو.
سعودي عرب جي نمائندي محمد ايوب چيو ته عرب ملڪ ”سچي نيت سان ڳالهين ۾ شامل رهيا“، پر هن دليل ڏنو ته تاريخي طور گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ انهن جو حصو تمام ٿورو رهيو آهي.
روس ڪوئلي، تيل ۽ گئس بابت ”نعريبازي ڪرڻ“ کان خبردار ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن ملڪ فوسل فيولز کان تمام تيزيءَ سان پري ٿيا ته ان سان ”ٻارڻ جي غربت“ پيدا ٿيندي.
موسمياتي تبديليءَ جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن ڳالهين جي ناڪاميءَ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو.
آمريڪا جي اڳوڻي نائب صدر ۽ موسمياتي تبديليءَ جي سرگرم حامي ال گور چيو ته ”اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڪجهه پيٽروليم پيدا ڪندڙ ملڪن کي فوسل فيولز جي ڪنهن به ذڪر تي ويٽو جو اختيار حاصل آهي.“
ال گور ايڪس تي لکيو ته COP ڳالهين واري عمل ۾ ”وڏي اصلاح جي ضرورت آهي“، ڇاڪاڻ ته اڪثر ملڪ ”سچي نيت سان اڳتي وڌڻ“ چاهين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان انهن اڳواڻن کي هڪ نئين طاقتور گهڻ-ملڪي عمل ذريعي اختيار ڏيون، جيڪو جديد سائنسي ڄاڻ جي عڪاسي ڪري ۽ دنيا جي اڪثريت جي خواهش جي نمائندگي ڪري.“
هڪ ٻيو وڏو اختلاف غريب ملڪن کي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن، جهڙوڪ وڌيڪ شديد گرميءَ جي لهرن ۽ سخت ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد ڏيڻ بابت هو.
گذريل سال برازيل ۾ COP30 دوران ملڪن ان مقصد لاءِ مالي مدد ٽيڻ تي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.
پر هن سال جي معاهدي ۾ نه ڪا واضح رقم ڄاڻائي وئي ۽ نه ئي ان بنيادي رقم يا سطح جو ذڪر ڪيو ويو، جنهن جي بنياد تي اهو واعدو ماپيو وڃي ها. ان سبب خدشو پيدا ٿيو ته امير ملڪن کي واعدو پورو ڪرڻ کان بچڻ لاءِ تمام گهڻي گنجائش ملي ويندي.
آفريڪا جي موسمياتي ۽ توانائي بابت ٿنڪ ٽينڪ پاور شفٽ آفريڪا جي محمد ادو چيو ته ”امير ملڪ ۽ آلودگي پکيڙيندڙ حڪومتون خالي هٿ اچي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو جاري نٿا رکي سگهن.“
برطانيا جي توانائي واري سيڪريٽري مياتا فاهنبليه سياسي معاهدي تي پهچڻ ۾ ناڪاميءَ کي ”انتهائي مايوس ڪندڙ“ قرار ڏنو.
هن چيو ته ”ان سان موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ دنيا جي ڀائيوارن سان گڏ انٽاليا ۾ حاصل ڪيل حقيقي اڳڀرائيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ اسان جو عزم وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.“ هن وڌيڪ چيو ته برطانيا جو عزم ”غيرمتزلزل“ آهي.
’حد کان وڌيڪ گرميءَ‘ واري دور ۾ موسمياتي ڳالهيون
ترڪيه جي انٽاليا شهر ۾ ڳالهين جي ميزباني ڪئي وئي، جڏهن ته آسٽريليا سرڪاري ڳالهين جي اڳواڻي ڪئي، جنهن سبب ڪجهه مبصرن ان صورتحال کي افراتفريءَ واري قرار ڏنو.
آسٽريليا جي حڪومت جي وزير ۽ COP31 جي ڳالهين واري صدر ڪرس بوئن چيو ته بحث دوران ڪجهه اهڙا ”ناقابلِ عبور اختلاف“ هئا، جن تي سمجهوتو ممڪن نه هو.
هن ”زندگيءَ ۾ ڏٺل سڀ کان پيچيده ۽ ڇڪتاڻ واري جيوپوليٽيڪل ماحول“ ڏانهن اشارو ڪيو. ساڳئي وقت، هن چيو ته ”موسمياتي تبديليءَ جا اثر وڌيڪ خراب ٿي رهيا آهن“، جنهن سبب صورتحال جي اهميت ۽ داءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي.
2026ع شايد تاريخ جو سڀ کان گرم سال بڻجي سگهي ٿو ۽ هن سال دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ انتهائي موسمي حالتون ۽ قدرتي آفتون آيون آهن، جن ۾ يورپ ۾ اونهاري جي سخت گرمي ۽ ڏڪار کان وٺي نيپال ۾ اوچتو ٻوڏون شامل آهن.
COP31 گڏيل قومن جي پهرين سالياني ڪانفرنس پڻ هئي، جنهن ۾ باضابطه طور بحث ڪيو ويو ته موسمياتي تبديليءَ کي محدود ڪرڻ لاءِ هڪ اهم عالمي هدف حاصل نه ٿي سگهندو.
2015ع جي پيرس ڳالهين دوران لڳ ڀڳ 200 ملڪن اتفاق ڪيو هو ته 1800ع جي آخري ڏهاڪن واري صنعتي دور کان اڳ جي سطح جي ڀيٽ ۾ عالمي گرمي پد ۾ واڌ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته جيئن موسمياتي تبديليءَ جي ڪجهه بدترين اثرن کان بچي سگهجي.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته پيرس معاهدي موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ”تقريبن عالمي“ سطح تي ڪارروائيءَ کي هٿي ڏني آهي. 2010ع جي شروعات ۾ اهو هڪ سنجيده امڪان سمجهيو ويندو هو ته هن صديءَ جي آخر تائين عالمي گرمي پد ۾ 4 ڊگري سينٽي گريڊ يا ان کان وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي.
هاڻي گڏيل قومن موجب، موجوده حڪومتي پاليسين جي بنياد تي، دنيا 2100ع تائين گرمي پد ۾ واڌ کي لڳ ڀڳ 2.8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪري سگهي ٿي.
پر پيرس معاهدي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪافي تيز نه رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ دنيا ڊگهي عرصي واري عالمي گرميءَ ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي حد کان ”وڌيڪ اڳتي نڪري وڃڻ“ جو امڪان آهي.
ڪيترائي ملڪ چون ٿا ته اهي آخرڪار گرميءَ جي واڌ کي ٻيهر 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين آڻڻ لاءِ پرعزم آهن، پر ان لاءِ اهڙين ٽيڪنالاجين کي وڏي پيماني تي تيزيءَ سان ترقي ڏيڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي ضرورت پوندي، جيڪي اڃا تائين وڏي پيماني تي موجود نه آهن ۽ فضا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري ختم ڪري سگهن ٿيون.
جيتوڻيڪ مکيه معاهدو ناڪام ٿيو، پر ڪجهه معاهدا ٿيا، جن ۾ ”منصفاڻي منتقليءَ واري نظام“ (Just Transition Mechanism) تي اڳڀرائي شامل آهي. اهو اهڙو فريم ورڪ آهي، جيڪو معيشتن جي صاف توانائيءَ ڏانهن منتقل ٿيڻ دوران مزدورن ۽ برادرين جي مدد ڪندو.
COP31 جي صدر اهو پڻ چيو ته 80 کان وڌيڪ ملڪن ترڪيه جي ان هدف جي حمايت ڪئي، جنهن تحت 2035ع تائين عالمي توانائيءَ جي استعمال ۾ بجليءَ جو حصو 35 سيڪڙو تائين وڌائڻو آهي.
پر هفتي جي آخر ۾ ٿيل واقعن کان پوءِ، ڪجهه ماڻهن سوال اٿاريو آهي ته ڇا گڏيل قومن جو موسمياتي ڳالهين وارو عمل، جيڪو اتفاق راءِ تي ڀاڙي ٿو، جيوپوليٽيڪل طور ورهايل دنيا ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو؟
گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهه سائمن اسٽيل چيو ته هو ان عمل ۾ ممڪن سڌارن بابت صلاح مشورا وٺندو، جڏهن ته ايندڙ ڪانفرنس نومبر 2027ع ۾ ايٿوپيا ۾ COP32 جي صورت ۾ منعقد ٿيڻ مقرر آهي.
هن بي بي سي کي چيو ته ”اتفاق راءِ وارو عمل اسان کي هتي تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. اهو اسان کي پيرس تائين وٺي ويو، تنهنڪري اهو ڪم ڪري سگهي ٿو.“ پر هن تسليم ڪيو ته آچر ڏينهن اهو ”ڪامياب نه ٿي سگهيو“.
اسٽيل وفدن کي چيو ته گڏيل قومن جو موسمياتي ڳالهين وارو عمل اڳ به ناڪامين ۽ ڌڪن جو شڪار ٿيو آهي، پر پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي واپس آيو آهي. ”ان کي ٻيهر ائين ڪرڻ گهرجي.“

پهنجو تبصرو موڪليو