آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا سان ڏمرجي پيو

آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا سان ڏمرجي پيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا سان ڏمرجي پيو، هن ڀيري هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي عورت رپورٽر جي سوال تي ڪاوڙجي پيو. ٽرمپ رپورٽر کي ابتو سوال ڪندي چيو ته ”توهان آهيو ڪير؟ توهان بدتميز عورت آهيو ۽ توهان کي پوئين قطارن ۾ هجڻ گهرجي ها.“آمريڪي صدر جي رويي تي هڪ اخبار لکيو آهي ته شايد ئي ڪو ڏينهن گذرندو هجي، جڏهن صدر ٽرمپ ڪنهن رپورٽر تي ڪاوڙ نه ڪندو هجي، ان جو سبب اهو هوندو آهي ته کيس رپورٽر جو سوال پسند نه ايندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو