بنون )ويب ڊيسڪ) بنون جي ڊوميل ڪمپني روڊ تان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. پوليس موجب ٽنهي ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. لاش خليفه گلنواز ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ جاري آهي.










