اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻارن پاران سوشل ميڊيا جي استعمال، آن لائن هراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کان کنيل قدمن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.ايڊيشنل اٽارني جنرل راشد حفيظ پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ جي درخواست منظور ڪندي عدالت وفاقي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن جا وڪيل ۽ اڳوڻو سينيٽر فرحت الله بابر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻيءَ دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته 13 نومبر تي سمورن لاڳاپيل ڌرين جي گڏجاڻي ٿي آهي، تنهنڪري جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. ان تي جسٽس ارباب محمد طاهر ريمارڪس ڏنا ته 2020ع جي سوشل ميڊيا ضابطن بابت درخواستون غيراثرائتيون ٿي چڪيون آهن.درخواستگذار جي وڪيل 2020ع جي سوشل ميڊيا ضابطن خلاف درخواست غيراثرائتي ٿيڻ سبب واپس وٺي ڇڏي. عدالت 2021ع جي سوشل ميڊيا ضابطن خلاف درخواست تي وفاق کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.عدالت ڊجيٽل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ قانونن تي عملدرآمد جو حڪم ڏئي رکيو آهي، جڏهن ته ڊجيٽل ذريعن جي غلط استعمال خلاف شڪايتن جي ازالي بابت قانون تي عملدرآمد جي رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي. عدالت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي)، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ۽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري رکي آهي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










