ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل شهيد بينظيرآباد جي عملي راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪري سعودي عرب ۾ ملازمت جو ويزا ڏيارڻ جي نالي تي فراڊ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار محمد اجمل سعودي عرب ۾ ملازمت ۽ روزگار ڏيارڻ جي نالي تي شهرين سان مبينا فراڊ ۾ ملوث هو. ايف آءِ اي موجب جوابدار اوورسيز ايمپلائيمينٽ پروموٽر طور سعودي عرب ۾ نوڪري ڏيارڻ جي نالي تي شهرين کان 19 لک 50 هزار رپيا وصول ڪيا. اختيارين جو چوڻ آهي ته رقم وٺڻ باوجود جوابدار نه ويزا لڳرايو ۽ نه ئي رقم واپس ڪئي، جنهن بعد هو روپوش ٿي ويو. ايف آءِ اي موجب متاثر شهري جي شڪايت تي گرفتار جوابدار خلاف وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.










