چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙي 43 ورهيه گذري ويا

چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙي 43 ورهيه گذري ويا

ڪراچي)ويب ڊيسڪ) لازوال اداڪاري ۽ سحرانگيز شخصيت جي مالڪ پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي مداحن کان وڇڙئي 43 ورهيه گذري ويا. 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ اداڪار وحيد مراد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم ”اولاد“ ۾ معاون اداڪار طور ڪئي، جڏهن ته هيرو طور سندس پهرين فلم ”هيرا اور پتھر“ هئي، جيڪا ڪامياب ثابت ٿي. فلمي شوقينن کيس چاڪليٽي هيرو جو لقب ڏنو.ان کانپوءِ 1966ع ۾ رليز ٿيل سندس فلم ”ارمان“ باڪس آفيس جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. وحيد مراد اردو سان گڏ پنجابي ۽ پشتو ٻولين جي فلمن سميت 125 فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هو پاڪستان جو واحد اداڪار هو، جنهن جي فلمن سڀ کان وڌيڪ پلاٽينم، ڊائمنڊ، گولڊن ۽ سلور جوبليون ملهايون. سندس ڪامياب فلمن ۾ ”دل ميرا ڌڙڪن تيري“، ”هيرا اور پتھر“، ”ارمان“، ”عندليب“، ”مستانه ماهي“، ”ديوَر ڀاڀي“ ۽ ”نصيب اپنا اپنا“ سميت ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن. وحيد مراد پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جو اهڙو هيرو هو، جنهن جي وارن جي اسٽائل ۽ لباس جي ٻين ماڻهن نقل ڪئي. هن اداڪاريءَ سان گڏ ليکڪ ۽ فلم پروڊيوسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. فني خدمتن جي مڃتا طور وحيد مراد کي نگار ايوارڊ، گريجوئيٽ ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ سميت ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ وحيد مراد 23 نومبر 1983ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت پاڪستان 2011ع ۾ کيس مرڻ کانپوءِ ستاره امتياز سان نوازيو.

پهنجو تبصرو موڪليو