ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ کي آمريڪي رسالي ٽائم جي پهرين ’ٽائم 100 نيڪسٽ انڊيا‘ فهرست جي سرورق لاءِ چونڊيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا کي ڀارتي فلمي صنعت ۾ اثرائتا ڪردار ادا ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ برابريءَ واري پيشاوراڻي ماحول کي هٿي وٺرائڻ جي مسلسل ڪوششن جي اعتراف ۾ اهو اعزاز ڏنو ويو آهي.رسالي ٽائم پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي فهرست جو اعلان ڪندي عاليا ڀٽ کي بالي ووڊ جي نمايان شخصيت قرار ڏنو ۽ فلمي صنعت ۾ قدم رکڻ کان وٺي ڀارت جي مشهور اداڪارائن ۾ شامل ٿيڻ تائين سندس سفر کي اجاگر ڪيو.رسالي نشاندهي ڪئي ته عاليا ڀٽ پنهنجي ڪيريئر دوران اهڙا ڪردار چونڊيا، جن ذريعي هن اداڪاريءَ جي صلاحيتن کي آزمائي. انهن ۾ فلم ’اُڙتا پنجاب‘ ۾ بهار سان تعلق رکندڙ هڪ عورت مهاجر مزدور جو ڪردار پڻ شامل آهي، جنهن تي کيس بهترين اداڪارا جو فلم فيئر ايوارڊ مليو هو.اداڪاريءَ کانسواءِ عاليا ڀٽ فلمي سيٽن تي عورتن لاءِ بهتر ماحول جي ضرورت بابت به آواز اٿاريندي رهي آهي.هن ڪم واري هنڌ عورتن جي تحفظ ۽ تفريحي صنعت ۾ کين پيش ايندڙ ڏکيائين کي به اجاگر ڪيو آهي.’ٽائم 100 نيڪسٽ انڊيا‘ جي سرورق لاءِ سندس چونڊ ڪيريئر جو هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. سندس فلمي ڪيريئر جي شروعات 2012ع ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ ڀارتي سئنيما ۾ مختلف نوعيت جا ڪيترائي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي.










