ڪراچي: گهر اندر فائرنگ، عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي: گهر اندر فائرنگ، عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي هڪ گهر اندر فائرنگ جي واقعي ۾ عورت سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا.پوليس عملدارن موجب واقعو لانڍي جي مظفرآباد ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي مڙس پنهنجي زال ۽ سندس ڀاءُ کي گوليون هڻڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيوپوليس موجب عورت طلاق خلع لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو ۽ پنهنجي والدين جي گهر ۾ رهندي هئي. عورت جي شادي 15 سال اڳ ٿي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن کان هن مڙس کان الڳ رهڻ شروع ڪيو هو.پوليس ٻڌايو ته ٽنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو