ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي)جي جمعي ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان موجب، هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو آمريڪي سرڪاري ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ تنظيمن ۽ نجي ڪمپنين جي حساس ۽ ڳجهي ڊيٽا غيرقانوني طور حاصل ڪرڻ، ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ مبينا طور ملوث هو.
ڪراچي ۾ اين سي سي آءِ اي جي پوليس اسٽيشن تي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (PECA) 2016، جنهن ۾ 2025ع ۾ ترميم ڪئي وئي، جي سيڪشن 3 (انفارميشن سسٽم يا ڊيٽا تائين غيرمجاز رسائي)، 4 (ڊيٽا جي غيرمجاز نقل يا منتقلي)، 13 (اليڪٽرانڪ جعلسازي)، 14 (اليڪٽرانڪ فراڊ) ۽ 16 (سڃاڻپ جي معلومات جو غيرمجاز استعمال) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
جاچ مان معلوم ٿيو ته شڪي شخص آن لائن ”DP BRUCE“ جي نالي سان سرگرم هو ۽ مبينا طور سائبر ڏوهن جي پليٽ فارم ليڪ بيس (LeakBase) ۽ ٽيليگرام استعمال ڪندي چوري ٿيل ڊيٽابيس، جن ۾ حساس معلومات موجود هئي، وڪرو ڪرڻ لاءِ اشتهار ڏيندو هو.
پريس رليز ۾ چيو ويو ته، ”مبينا طور چوري ٿيل ڊيٽا ۾ آمريڪا جي اهم سرڪاري ادارن، جن ۾ فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ)، سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي)، آمريڪي پرڏيهي کاتو، دفاع وارو کاتو ۽ آمريڪا جا مختلف پوليس کاتا شامل آهن، انهن بابت معلومات، گڏوگڏ نجي ڪاروباري ادارن سان لاڳاپيل ڊيٽا پڻ شامل هئي.“
ايجنسي موجب، وڌيڪ جاچ مان معلوم ٿيو ته شڪي شخص مبينا طور چوري ٿيل ڊيٽا جي عيوض بِٽ ڪوئن سميت ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي ادائيگيون وصول ڪندو هو.
پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”معتبر معلومات“ جي بنياد تي اين سي سي آءِ اي ڪراچي جي ٽيم ڪراچي جي منظور ڪالوني واري علائقي ۾ ڇاپو هنيو ۽ 11 نومبر تي شڪي شخص کي گرفتار ڪيو.
جاچ دوران شڪي شخص جو هڪ ليپ ٽاپ پڻ ضبط ڪيو ويو.
ايجنسي چيو ته، ”ابتدائي ٽيڪنيڪل جاچ دوران ڪيترائي ڊيٽابيس ۽ فائلون هٿ آيون، جن ۾ بظاهر آمريڪي سرڪاري ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ کاتن ۽ ٻين تنظيمن سان لاڳاپيل حساس معلومات موجود هئي.“
ڊجيٽل ثبوتن مان پڻ ظاهر ٿيو ته مبينا طور چوري ٿيل ڊيٽا جي وڪري ۽ ورڇ لاءِ آن لائن پليٽفارمز استعمال ڪيا ويا هئا.
ايجنسي چيو ته، ”اين سي سي آءِ اي ڪراچي سائبر ڏوهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، چوري ٿيل ڊيٽا جي غيرقانوني واپار ۾ ملوث نيٽ ورڪن کي ختم ڪرڻ ۽ قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائبر ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.“
هڪ ڏينهن اڳ ايجنسي دعويٰ ڪئي هئي ته هن هڪ وسيع مالي نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو آهي، جيڪو مبينا طور غيرقانوني آن لائن بيٽنگ ۽ جوا، فراڊ تي ٻڌل ڪاروباري سرگرمين ۽ شڪي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هو، جنهن ۾ هڪ ٽريلين رپين تائين جي ٽرانزيڪشن ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.
هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ اين سي سي آءِ اي مبينا طور بين الاقوامي سائبر فراڊ نيٽ ورڪن، غيرقانوني ڪال سينٽرن، شهرين جي ذاتي ڊيٽا جي وڪري ۽ آن لائن بليڪ ميلنگ خلاف ڪيترن ئي ڪاررواين دوران 130 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو، جن ۾ 9 عورتون ۽ 4 پرڏيهي شهري پڻ شامل هئا.










