سنڌ جي وحدت تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، 6 ڊويزنل ميئرز جو اعلان

سنڌ جي وحدت تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، 6 ڊويزنل ميئرز جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، سنڌ جي ڇهن ڊويزنن جي ميئرن گڏيل طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي ميئرن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي جي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ورھاڱي جو خواب ڏسڻ بند ڪيو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب، سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو، لاڙڪاڻي جي ميئر انور لوهر، نوابشاهه جي ميئر قاضي رشيد ڀٽي ۽ ميرپورخاص جي ميئر عبدالرؤف غوري شرڪت ڪئي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته نفرت ڪنهن به معاشري لاءِ نقصانڪار آهي، پيپلز پارٽي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، سنڌ جي تاريخ پنج هزار سال پراڻي آهي ۽ ڪراچي جي تاريخ 1947ع کان شروع نٿي ٿئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ماضيءَ ۾ لساني سياست سبب ماڻهن جا دليون ٽوڙيون ويون، وڏي قربانين کانپوءِ شهر ۾ امن قائم ٿيو آهي، هاڻي ٻيهر 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي جهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ نه ڏنيون وينديون. مرتضيٰ وهاب چيو ته 1973ع جو آئين صوبن جون حدون تبديل ڪرڻ جو طريقو واضح ڪري ٿو، نون صوبن جي قيام لاءِ آئيني طريقيڪار موجود آهي، خالد مقبول صديقي جي موقف جو آئيني بنياد ناهي. سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ چيو ته خالد مقبول صديقي آرٽيڪل 140 اي جي غلط تشريح ڪئي آهي، جڏهن ته اهو آرٽيڪل مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ بابت آهي، نون صوبن جي قيام بابت ناهي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت جو مذاق اڏائڻ تي خالد مقبول صديقي معافي وٺي ۽ پنهنجا لفظ واپس وٺي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جو خواب ڇڏي ڏنو وڃي، سنڌ جي سمورن ميئرن جو گڏيل موقف آهي ته صوبي جي جاگرافيائي وحدت تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. ارسلان شيخ چيو ته آئيني شق جي غلط تشريح خلاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جو به ارادو آهي. حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو چيو ته سنڌ جا ماڻهو نفرت ۽ لساني سياست وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، عوام باشعور آهي ۽ هاڻي اهڙي سياست کي قبول نه ڪندو. هن ايم ڪيو ايم کي صلاح ڏني ته بيانن بدران پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري. لاڙڪاڻي جي ميئر انور لوهر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري رڳو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته خالد مقبول صديقي جا بيان سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام ۾ مايوسي پيدا ڪري رهيا آهن. ميرپورخاص جي ميئر عبدالرؤف غوري چيو ته ميرپورخاص جي عوام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو