اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي هاڪاري لاڙو

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي هاڪاري لاڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات هاڪاري لاڙي سان ٿي آهي.ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن واپار شروع ٿيندي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سبب 100 انڊيڪس 300 کان وڌيڪ پوائنٽس وڌي هڪ لک 77 هزار 139 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري لاڙو برقرار رهيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس 477 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 76 هزار 772 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو