ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ کي وڌيڪ صوبن جا مشورا ڏيندڙ اڳ ۾ پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ نوان صوبا ٺاهي ڏيکارين، ڇو ته آئين موجب نئون صوبو ٺاهڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ ضروري آهي. صوبائي اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته کيس خاص طور انهن اڳواڻن تي حيرت ٿئي ٿي، جن جو تعلق سنڌ سان ناهي. خواجا آصف، طلال چوڌري ۽ عليم خان ڪراچي جا ناهن، اهي پنهنجي صوبي ۾ نوان صوبا ٺاهين. هن چيو ته سسٽم کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ڳالهه پيپلز پارٽي شروع ناهي ڪئي، اها ڳالهه ڪنهن ٻئي طرفان شروع ڪئي وئي، هر جماعت کي اختلاف ڪرڻ جو حق حاصل آهي. سعيد غني چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ جي مسئلن، انهن جي سببن ۽ عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ بابت ڳالهه ڪئي ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ تجويزون ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ماضي دوران بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن ٻيهر نفرتون پيدا ٿيڻ جو خدشو هجي ته ان تي ڳالهائڻ ضروري آهي. ڪراچي جا رهواسي ٻيهر ماضي جهڙا حالات پيدا ٿيڻ نه ڏيندا.










