راولپنڊي )ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ چئن ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي، پاڪستان ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز 0-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا جي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 316 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 90 رنسن جو هدف مليو، جيڪو قومي ٽيم ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ محمد عباس ۽ عامر جمال 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته رضا الله 2، سلمان علي آغا ۽ ثاقب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.ان کان اڳ سريلنڪا ٻئي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين 9 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون هيون. چوٿين ڏينهن پهرين ئي سيشن ۾ مهمان ٽيم جي ٻي اننگز ختم ٿي وئيواضح رهي ته سريلنڪا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ رڳو 98 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي. محمد عباس، رضا الله ۽ عامر جمال 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ثاقب خان هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. محمد عباس 14، رضا الله 21 ۽ عامر جمال 24 رنسون ڏئي وڪيٽون حاصل ڪيون.ان کانپوءِ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 325 رنسون ٺاهيون هيون.ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي هئي، جڏهن ته ٽيسٽ سيريز کان اڳ ٽن ميچن جي ٽي-20 سيريز پاڪستان 1-2 تان کٽي هئي.










