شين ڊائٽز وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر

شين ڊائٽز وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين ڊائٽز کي قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.پي سي بي موجب شين ڊائٽز ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کان پنهنجي ذميواري سنڀاليندو ۽ اتي ئي قومي وومين اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو.شين ڊائٽز ان کان اڳ ويسٽ انڊيز وومين ٽيم جو هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي. سندس ڪوچنگ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 2024ع ۽ 2026ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپن جي سيمي فائنل تائين پهتي هئي.واضح رهي ته 51 ورهين جو شين ڊائٽز بنگلاديش ۽ نيدرلينڊز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن جي پڻ ڪوچنگ ڪري چڪو آهي.پاڪستان وومين ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي شين ڊائٽز چيو ته قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻجڻ سندس لاءِ اعزاز آهي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي شاندار تاريخ آهي ۽ هو قومي ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي.هن چيو ته 2028ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ هوم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شوقينن کي خوشيون ڏيڻ سندس هدف آهي، پر ورلڊ ڪپ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ لاءِ ٽيم کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو