محمد يوسف ۽ ثنا مير، پي سي بي جي هال آف فيم ۾ شامل

محمد يوسف ۽ ثنا مير، پي سي بي جي هال آف فيم ۾ شامل

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڪپتان محمد يوسف ۽ ثنا مير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي هال آف فيم 2025ع ۾ شامل ٿي ويا.
پي سي بي موجب، محمد يوسف ۽ ثنا مير کي ڪرڪيٽ لاءِ سندن شاندار خدمتن جي اعتراف طور هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته محمد يوسف جي چونڊ آزاداڻي ۽ شفاف ووٽنگ ذريعي ڪئي وئي، جڏهن ته ثنا مير کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شموليت جي بنياد تي پي سي بي هال آف فيم جو حصو بڻايو ويو آهي. محمد يوسف ۽ ثنا مير کان اڳ پي سي بي هال آف فيم ۾ 14 عظيم رانديگر شامل هئا.
محمد يوسف 381 عالمي ميچن ۾ 17 هزار 300 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته 2006ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 1,788 رنسون ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. ٻئي طرف ثنا مير 226 عالمي ميچن ۾ 240 وڪيٽون حاصل ڪرڻ سان گڏ 2,432 رنسون پڻ ٺاهيون. ثنا مير جي قيادت ۾ پاڪستان 2010ع ۽ 2014ع جي ايشين گيمز ۾ سونا تمغا حاصل ڪيا.
ان موقعي تي پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي پڻ محمد يوسف ۽ ثنا مير کي پي سي بي هال آف فيم ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي رانديگرن فخر سان پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ ذريعي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو.
ياد رهي ته پي سي بي هال آف فيم ۾ اڳ ئي عبدالحفيظ ڪاردا‌ر، فضل محمود، حنيف محمد، ظهير عباس، عمران خان، جاويد ميانداد، عبدالقادر، وسيم اڪرم، وقار يونس، انضمام الحق، مشتاق محمد، سعيد انور، مصباح الحق ۽ يونس خان پڻ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو