ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان موجب، مير رضا بابت جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڪامران قريشي تي الزام لڳايا ويا هئا. مٿس الزام هو ته هن مير رضا جو لاش ملڻ واري هنڌ کي محفوظ نه ڪيو هو.
ياد رهي ته نوجوان ڪاروباري شخصيت مير رضا علي جو لاش 29 جولاءِ تي گلستان جوهر مان مليو هو.
شروعاتي طور واقعي کي خودڪشي قرار ڏيڻ تي شڪ شبها ظاهر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو هو.
آڪٽوبر 2026ع ۾ سامهون آيل جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ مير رضا جي موت کي خودڪشي بدران قتل قرار ڏنو ويو هو. رپورٽ ۾ شروعاتي پوليس جاچ دوران پيشاوراڻي غفلت جي نشاندهي ڪندي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي هئي.










