اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ مختلف ڪارروايون ڪندي 74 خوارج کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪوئيٽا ضلعي جي علائقي ڪرم ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشنن دوران مختلف جهڙپن ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 31 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 3 نومبر کان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف آپريشن جاري آهن، جن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو.بيان موجب مير علي ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فتنه الخوارج جا 35 ڪارڪن، جڏهن ته اورڪزئي ۾ ڪارروائي دوران وڌيڪ 8 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو.بيان موجب ڪاررواين سبب خوارج جي نيٽ ورڪن کي وڏو ڌڪ رسيو، جڏهن ته علائقن کي ڪليئر ڪرڻ دوران وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو.










