صوابي)ويب ڊيسڪ) نامعلوم هٿياربندن جي پوليس گاڏيءَ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.ڊي پي او وقاص رفيق موجب، فائرنگ جو واقعو صوابي ۾ پوليس چوڪي منصوريءَ ويجهو پيش آيو، جتي نامعلوم ماڻهن پوليس گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي.هن ٻڌايو ته فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڊي پي او وڌيڪ چيو ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










