تهران)ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان مطالبو ڪيو آهي ته ايران کي ماحولياتي نقصان پهچائڻ تي آمريڪا ۽ اسرائيل جو احتساب ڪيو وڃي.ڪوپ 31 ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته حملن سبب ايران کي جاني، معاشي ۽ ماحولياتي حوالي سان وڏو نقصان پهتو آهي، جڏهن ته قدرتي وسيلن کي نشانو بڻائڻ جا اثر ڪيترين ئي نسلن تائين برقرار رهي سگهن ٿا.هن چيو ته اهڙين ڪاررواين سان گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي لاءِ عالمي ڪوششن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو. ايران جي محفوظ قدرتي علائقن ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي پڻ نشانو بڻايو ويو.مسعود پزشڪيان چيو ته فوجي جارحيت سبب ٿيندڙ ماحولياتي نقصانن جا ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ ذميوارن جو احتساب ڪرڻ لاءِ اثرائتو عالمي نظام قائم ٿيڻ گهرجي. پابندين باوجود ايران ۾ متبادل توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿي آهي.ايراني صدر چيو ته ڌرتي ڪنهن هڪ ملڪ يا نسل جي ملڪيت ناهي، پر ان کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکڻ سڀني جي ذميواري آهي. ماحولياتي تحفظ لاءِ امن ۽ امن جي قيام لاءِ ماحول جو تحفظ ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايران منصفاڻي ۽ ذميواراڻي عالمي سهڪار لاءِ تيار آهي، ايران جنگ جاري رکڻ نٿو چاهي ۽ سندس پهرين ترجيح امن آهي.










