ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي وڏن معدني ذخيرن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته معدنيات جي شعبي ۾ صنعتي ترقي، توانائيءَ جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي ترقيءَ جي رفتار تيز ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. اربع ڏھاڙي سي ايم هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن، جاري مائننگ رٿائن ۽ ڏيھي توڙي پرڏيھي سيڙپڪاريءَ جي موقعن جو جائزو ورتو. معدنيات واري وزير سيد سردار علي شاهه وڏي وزير کي سنڌ جي معدني ذخيرن، هلندڙ رٿائن، سيڙپڪاريءَ جي صلاحيت ۽ معدني وسيلن جي پائيدار ترقيءَ لاءِ حڪومتي حڪمت عمليءَ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت جو ويزن سائنسي بنيادن تي معدنيات جي ڳولا، وسيلن جي ذميواراڻي طريقي سان حاصل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ويليو ايڊيشن ذريعي سنڌ جي معدني دولت کي ڪتب آڻڻ آهي، ته جيئن قدرتي وسيلا عوام جي معاشي خوشحالي ۽ زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ جو ذريعو بڻجي سگهن. سنڌ جي ٿر ڪول فيلڊ ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي مقامي سطح تي توانائيءَ جي پيداوار ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ غيرمعمولي صلاحيت رکن ٿا. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته انهن ذخيرن ۾ توانائيءَ جو مقدار لڳ ڀڳ 50 ارب ٽن تيل جي برابر (TOE) آهي، جڏهن ته ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ گئس جي برابر وسيلن جو ڪاٿو 2,000 ٽريلين مڪعب فوٽ (TCF) لڳايو ويو آهي. وڏي وزير چين-پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) جي ابتدائي رٿائن تحت ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻن ۽ بجليءَ جي پيداوار لاءِ جوڙيل ٻن وڏن منصوبن جو جائزو ورتو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سالياني مائننگ صلاحيت 11.2 ملين ٽن، جڏهن ته بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 1,980 ميگاواٽ آهي. ڪمپنيءَ ۾ سنڌ حڪومت جا 54.7 سيڪڙو حصا آهن، جڏهن ته اينگرو ۽ ان جي ڀائيوارن جا 45.3 سيڪڙو حصا آهن. سنڌ حڪومت هن رٿا ۾ 12.9 ارب رپين جي ايڪوٽي سيڙپڪاري ڪئي آهي. چيني سيڙپڪارن پاران قائم ڪيل سائنو سنڌ ريسورسز لميٽيڊ (SSRL) جي سالياني مائننگ صلاحيت 7.8 ملين ٽن ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 1,320 ميگاواٽ آهي. هن رٿا ۾ 2.6 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نجي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هي رٿا ڪوئلي جي درآمد جي متبادل طور مقامي ڪوئلي جي استعمال ذريعي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. معدنيات واري وزير سيد سردار علي شاهه وڏي وزير کي ڪوئلي کانسواءِ مختلف معدنيات ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن بابت آگاهه ڪيو، جن ۾ گرينائيٽ، خام لوهه، سنگ مرمر، چُن جو پٿر، سليسيٽائيٽ، چائنا ڪلي، سليڪا سينڊ ۽ ڍنڍن مان حاصل ٿيندڙ لوڻ شامل آهن. ضلعي ٿرپارڪر جي علائقي ننگرپارڪر ۾ گرينائيٽ جا ذخيرا موجود آهن، جتي اڏاوتي پٿر، آرائشي شين ۽ پٿر جي ڪٽائي توڙي پالش جي صنعتن جي قيام جا وسيع موقعا آهن. ٺٽي، ڄامشوري ۽ ٿرپارڪر ۾ خام لوهه جا ذخيرا اسٽيل سان لاڳاپيل صنعتن، معدنيات جي ڳولا ۽ خام مال کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ وارين رٿائن لاءِ وڏي صلاحيت رکن ٿا. ساڳيءَ ريت ٺٽي ۽ ڄامشوري ۾ سنگ مرمر جا ذخيرا تيار ٿيل پٿر جون شيون ٺاهڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته خيرپور، دادو، ڄامشورو، سکر، حيدرآباد، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ چُن جي پٿر جا ذخيرا سيمينٽ ۽ تعميراتي صنعتن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. صوبي ۾ ڄامشوري ۾ سليسيٽائيٽ، ٿرپارڪر ۾ چائنا ڪلي، ڄامشوري ۽ ٺٽي ۾ سليڪا سينڊ، جڏهن ته دادو، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ ڍنڍن جي لوڻ جي ذخيرن ۾ پڻ سيڙپڪاريءَ جا موقعا موجود آهن. انهن شعبن ۾ خاص طور تي پروسيسنگ، صفائي، ريفائننگ، مينوفيڪچرنگ ۽ قدر ۾ واڌ وارن شين جي تياريءَ جا نمايان امڪان آهن. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت سيڙپڪارن کي رڳو خام معدنيات ڪڍڻ تائين محدود رهڻ بدران پروسيسنگ ۽ مينوفيڪچرنگ جون صنعتون قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ چاهي ٿي، ته جيئن ملڪ اندر وڌيڪ معاشي قدر پيدا ٿئي، روزگار جا موقعا وڌن ۽ برآمدات کي هٿي ملي. اجلاس ۾ مائننگ جي شعبي ۾ ذميواراڻي حڪمراني، سماجي ذميواري ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل فريم ورڪ جو پڻ جائزو ورتو ويو. معدنيات واري وزير ٿر جي ڪوئلي وارن منصوبن کي ان ڳالهه جو مثال قرار ڏنو ته مائننگ جون سرگرميون روزگار، تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ مقامي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ ذريعي علائقي جي خوشحاليءَ ۾ ڪيئن ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. بلاڪ ون تحت لڳ ڀڳ 5 هزار نوڪريون پيدا ڪيون ويون آهن، جن مان اٽڪل 97 سيڪڙو افرادي قوت جو تعلق سنڌ سان آهي. رٿا جي تياري ۽ عملدرآمد جي مختلف مرحلن دوران گڏيل طور 20 هزار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي سڌيءَ طرح روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. عوامي بھتري واران اپائن ۾ اسلام ڪوٽ اندر 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال، صحت جون ٻيون سهولتون، ريورس اوسموسس (آر او) پلانٽس ۽ مقامي نوجوانن لاءِ فني تربيت شامل آهن. بلاڪ ٽو تحت سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل سرگرمين ۾ لڳ ڀڳ 2,350 مقامي ماڻهو روزگار سان لاڳاپيل آهن. انهن مان 94 سيڪڙو ملازمن جو تعلق سنڌ سان، جڏهن ته 60 سيڪڙو جو تعلق ٿر ضلعي سان آهي. ستن طبي مرڪزن ذريعي مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته 33 ريورس اوسموسس پلانٽس مقامي آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ماحولياتي تحفظ وارن اپائن تي پڻ روشني وڌي وئي، جن ۾ ٿر ملين ٽري پروگرام تحت 13 لک کان وڌيڪ وڻ ٻوٽا پوکڻ، پاڻيءَ جي صفائي ۽ ٻيهر استعمال، حياتياتي تنوع جو تحفظ، لوڻياٺي پاڻيءَ سان مطابقت رکندڙ زراعت ۽ مائننگ کانپوءِ زمين جي مرحليوار بحالي شامل آهن. وڏي وزير زور ڀريو ته مائننگ جا سمورا ڪم ذميواراڻي انداز ۾ ڪيا وڃن ۽ ماحولياتي معيارن، صحت ۽ سلامتيءَ جي گهرجن، مقامي آباديءَ جي تحفظ ۽ مناسب لڏپلاڻ توڙي آبادڪاريءَ جي انتظامن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ معدني وسيلن جي ترقيءَ ۾ مددگار بنيادي ڍانچي جو پڻ جائزو ورتو ويو، جن ۾ روڊن ذريعي رابطن جي بهتري، پاڻيءَ جي فراهميءَ جون سهولتون ۽ تجويز ڪيل ٿر ريل ڪنيڪٽوٽي رٿا شامل آهن،جيڪا وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل رٿا آهي. اميد آهي ته ريلوي رابطي جي قيام سان ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي مختلف صنعتن تائين پهچائڻ ۾ سهولت پيدا ٿيندي ۽ مقامي ڪوئلي لاءِ وسيع منڊي ميسر ٿيندي. بريفنگ ۾ ٿر جي ڪوئلي جي متبادل استعمال جا موقعا پڻ اجاگر ڪيا ويا، خاص طور تي ڪوئلي جا بريڪيٽس ۽ ڪوئلي مان يوريا تيار ڪرڻ جا منصوبا، جيڪي صنعتي ترقي، خوراڪ جي تحفظ ۽ پرڏيهي ناڻي جي بچت ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. سيڙپڪارن لاءِ ارضياتي ۽ معدنيات جي ڳولا بابت انگ اکر ۽ معلومات پڻ موجود آهن، جڏهن ته تفصيلي ڊرلنگ کانپوءِ 12 بلاڪ تيار ڪيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ ڏيھي توڙي پرڏيھي سيڙپڪارن لاءِ کليل آهي ۽ حڪومت اسٽريٽجڪ ڀائيواري، گڏيل رٿائن، ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي، مائننگ جي جديد طريقن ۽ معدنيات تي ٻڌل صنعتن کي ھٿي ڏيندي. هن چيو ته شفاف ضابطا، مقابلي وارا سيڙپڪاريءَ جا موقعا، مضبوط ادارتي سهڪار ۽ سيڙپڪارن لاءِ سهولتن وارو طريقيڪار معدني وسيلن جي ترقيءَ بابت سندھ حڪومت جي حڪمت عمليءَ جا بنيادي ٿنڀ رهندا. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت جو مقصد سنڌ جي معدني دولت کي پائيدار معاشي ترقي، صنعتي واڌ، مقامي روزگار ۽ عوامي خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪرڻ آهي، جڏهن ته ان سان گڏ ماحوليات جو تحفظ ۽ معدني وسيلن سان مالا مال علائقن ۾ رهندڙ مقامي آباديءَ جي مفادن جو تحفظ پڻ يقيني بڻايو ويندو.










