اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي امن ۽ استحڪام تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، حڪومت دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي,وزيراعظم ڪوهاٽ ۾ پوليس ٽيم تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ڊي ايس پي حيدر زمان سميت 10 پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو.شهباز شريف چيو ته پوليس اهلڪارن پنهنجيون جانيون قربان ڪري فرض شناسي ۽ بهادريءَ جو وڏو مثال قائم ڪيو آهي، جڏهن ته 18 خوارج کي مارڻ خيبرپختونخوا پوليس جي دهشتگرديءَ خلاف اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.وزيراعظم چيو ته ڏوهاري عنصرن ۽ فتني الخوارج جو پاڻ ۾ ڳٺجوڙ ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي سازش آهي، اهڙن عنصرن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.










