راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار فاسٽ بالر محمد عباس چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن پهرين سيشن ۾ وڪيٽون وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.راولپنڊي ۾ سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد عباس چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻئي ٽيمون ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنديون آهن.هن چيو ته سريلنڪا جا بيٽر تجربيڪار آهن ۽ انهن سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو آهي.محمد عباس راولپنڊي جي ڪرڪيٽ شوقينن کي اپيل ڪئي ته اهي اسٽيڊيم پهچي ٽيم جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم اڳ به ۽ هاڻي به بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.










