راولپنڊي )ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان خلاف سريلنڪا جي بيٽنگ جاري آهي.پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن سريلنڪا جي ڪمنڊو مينڊس 40 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 22 رنسن سان پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي.پاڪستان خلاف سريلنڪا جو اسڪور 155 رنسن تي پهتو ته سندس چوٿين وڪيٽ ڪري پئي. ڪمنڊو مينڊس 58 رنسون ٺاهي محمد عباس جي بال تي آئوٽ ٿيو.پاڪستان پاران ڊيبيو ڪندڙ ثاقب خان ۽ محمد عباس ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.واضح رهي ته ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 434 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي.پاڪستان پاران سعود شڪيل 93، عرفات منهاس 52 ۽ غازي غوري 48 رنسون ٺاهيون. ڊيبيو ڪندڙ طيب عارف 57 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد طحهٰ 51 ۽ بابر اعظم 50 رنسون ٺاهيون.سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان طرفان چار رانديگرن ڊيبيو ڪيو، جن ۾ طيب عارف، محمد طحهٰ، عرفات منهاس ۽ ثاقب خان شامل آهن.










