اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته مڪي معاهدو سعودي عرب ۽ ترڪيءَ سان پاڪستان جي ڀائيواريءَ جي علامت آهي، اهو معاهدو ڪنهن به ملڪ جي خلاف ناهي.اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران منعقد ڪيل عالمي ڪانفرنس ”مارگلا ڊائلاگ“ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ماهرن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ۽ گهڻ رخي سفارتڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته عالمي قانونن تي غير منصفاڻي عملدرآمد سان فرق ۽ اڻبرابري جنم وٺندي آهي.هن چيو ته مڪي معاهدو سعودي عرب ۽ ترڪيءَ سان اسان جي ڀائيواريءَ جي علامت آهي، اهو ڪنهن به ملڪ خلاف ناهي. پاڪستان خطي ۾ پرامن، مستحڪم ۽ معاشي طور هڪٻئي سان ڳنڍيل ماحول چاهي ٿو. ڪنهن به ملڪ جي سرزمين ٻئي ملڪ خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ان حوالي سان اثرائتا قدم کڻڻ جو حامي آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ دوست ملڪن ۽ عالمي ڀائيوارن سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، چين سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي.هن چيو ته آمريڪا، سعودي عرب، ترڪي، جاپان، مصر، گڏيل عرب امارات ۽ ملائيشيا سان لاڳاپا اهميت رکن ٿا. سعودي عرب ۽ ترڪيءَ سان تجويز ڪيل دفاعي سهڪار علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي. پاڪستان قومي سلامتي مضبوط بڻائڻ سان گڏ سفارتي لاڳاپا ۽ ترقيءَ جا موقعا پڻ برقرار رکڻ چاهي ٿو.اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جهڙن عالمي ادارن کي وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اڀرندڙ ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي، جڏهن ته عالمي سلامتيءَ جو ڍانچو هن وقت سخت دٻاءَ جو شڪار آهي. خطي ۽ دنيا کي درپيش چئلينجن تي مارگلا ڊائلاگ جو انعقاد اهميت رکي ٿو. امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي ڪڍڻ ضروري آهي.هن چيو ته پاڪستان سمورن تڪرارن جي پرامن حل جو ڀرپور حامي آهي، عالمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ٽڪراءَ ۽ غلط اندازن جو خطرو وڌي رهيو آهي، جڏهن ته فوجي طاقت جي استعمال سان سفارتڪاريءَ جا موقعا محدود ٿي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عالمي نظام ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، موجوده حالتن ۾ سفارتڪاريءَ لاءِ گنجائش وڌائڻ جي ضرورت آهي. سياسي اختلافن سبب گهڻ رخي عالمي ادارن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. عالمي اصولن تي غير هڪجهڙو عملدرآمد سڀني ملڪن جي سلامتيءَ کي متاثر ڪري ٿو، جڏهن ته جاگرافيائي سياست، معيشت ۽ مالياتي معاملا تيزيءَ سان هڪٻئي سان ڳنڍجي رهيا آهن.اسحاق ڊار چيو ته واپار، ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ سيڙپڪاريءَ تائين پهچ جي حوالي سان مقابلي جا اثر وڌي رهيا آهن. قومي سلامتي ۽ عوام جي خوشحاليءَ لاءِ اندروني مضبوطي ۽ اثرائتي سفارتڪاري ضروري آهي، جڏهن ته اڀرندڙ عالمي نظام جي حتمي شڪل اڃا تائين غير يقيني آهي.نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۾ واڌ سان گڏ معاشي ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عوام جو معيارِ زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيڙپڪاريءَ جي واڌ لاءِ مضبوط ادارا، هنرمند افرادي قوت ۽ ڪاروبار دوست ماحول ضروري آهي، جڏهن ته ترقي پذير ملڪن کي عالمي معاشي نظام ۾ برابر جا موقعا ملڻ گهرجن.










