دادو: ڌي سان مبينا جنسي زيادتي وارو واقعو ناري عدالت ۾ پيش

دادو: ڌي سان مبينا جنسي زيادتي وارو واقعو ناري عدالت ۾ پيش

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)دادو ۾ پي ھٿان ڌي سان مبينا جنسي زيادتي واقعو واري ڪيس ۾ پوليس پاران ناري آمنا رند کي دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو،ٿرڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ قمبر علي جمالي جي عدالت ۾ ناري آمنا رند جو عدالت پاران 164 جو بيان قلمبند ڪيو ويو آمنه رند عدالت کي ٻڌايو ته سندس والد علي نواز رند مسلسل 6 مھينا جنسي زيادتي ڪئي آهي جڏهن ته ناري عدالت ۾ ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل ساڳيو ئي بيان ورجايو ناري جي وارثي نه ٿيڻ سبب عدالت پاران کيس دارالامان حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالتي حڪم تي آمنا رند کي تحفظ ۽ رهائش لاءِ دارالامان حيدرآباد اماڻيو ويو؛

پهنجو تبصرو موڪليو