ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 لک گهرن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مجموعي طور 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي ۽ ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. هن چيو ته متاثرن جي بحاليءَ جي عمل دوران حڪومت کي ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، پر اڄ ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدي جي تڪميل جو ڏينهن آهي. سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت 10 لک گهرن جي تعمير مڪمل ٿيڻ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. وڏي وزير چيو ته صوبي جي 23 ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. تعمير ٿيل سمورن گهرن جي جيو ٽيگنگ ۽ ڊجيٽل مانيٽرنگ ذريعي تصديق ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته منصوبي لاءِ عالمي بئنڪ 50 ڪروڙ ڊالر، جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مان 17 ڪروڙ 90 لک ڊالر فراهم ڪيا. هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ، اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ جي سهڪار تي پڻ ٿورا مڃيا. سندس چوڻ هو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام جي اهم ڪاميابين مان هڪ عورتن کي خودمختيار بڻائڻ آهي. ٻهراڙيءَ جي سنڌ جون لکين عورتون پهريون ڀيرو پنهنجي گهرن جون مالڪ بڻيون آهن. عورتن جي نالي تي گهرن جي رجسٽريشن رڳو ملڪيت جي مالڪي نه، پر سندن تحفظ ۽ وقار جي ضمانت پڻ آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته گهرن جي تعمير کانپوءِ هاڻي صاف پاڻي، صفائي ۽ نيڪال جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالرن جي گڏيل سيڙپڪاريءَ سان 4 هزار 800 ڳوٺن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. حڪومت ٺيڪيدارن بدران متاثر خاندانن کي پاڻ پنهنجا گهر تعمير ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻايو. مراد علي شاهه چيو ته ايس پي ايڇ ايف جي رڳو 40 ڄڻن تي ٻڌل ٽيم ڊجيٽل نظام ذريعي اهو تاريخي ڪم مڪمل ڪيو، پر هن منصوبي جا اصل هيرو سنڌ جا ماڻهو آهن، جن همت ۽ محنت سان پنهنجا گهر تعمير ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته 10 لک گهرن جي تعمير مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هاڻي 21 لک گهرن جي هدف ڏانهن سفر جاري رهندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ عوام جي اميدن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.










