ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ گهٽ عمر نينگريءَ سان جنسي زيادتي جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت سينٽرل جوابدار کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت جوابدار تي 14 سال قيد سان گڏ 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو آهي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته متاثر نينگريءَ پاران ٽرائل دوران جوابدار کي معاف ڪيو ويو، پر جنسي استحصال جي ڏوهه ۾ معافي جوابدار جي بري ٿيڻ جو بنياد نٿي بڻجي سگهي. جاچ ۾ خاميءَ جي بنياد تي به جوابدار کي بري نٿو ڪري سگهجي.پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيس 2023ع ۾ لياقت آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.










