ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٽن سالن ۾ 10 لک گهر تعمير ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيل گهرن جي تڪميل واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت سڄي دنيا معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته تاريخي مهانگائي سبب عوام حڪومتن ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ ڪير سندن ساٿ ڏئي ٿو. عوام کي نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست نه، پر پنهنجن معاشي مسئلن جو حل گهرجي. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا پورا ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي. معاشي بحران، تعليمي مسئلن ۽ بيروزگاريءَ جي موجوده صورتحال ۾ سياسي پارٽين جون ذميواريون وڌيڪ وڌي ويون آهن. هن چيو ته اهي 10 لک گهر رڳو عمارتون ناهن، پر انهن جي مالڪن کي زمين جي مالڪيءَ جو حق پڻ ڏنو ويو آهي. اسان گهرن ۾ رهندڙ عورتن کي زمين جو مالڪ بڻايو، جن ماڻهن وٽ پنهنجو گهر نه هو، انهن لاءِ گهر تعمير ڪري ڏنا ۽ زمين جي ملڪيت پڻ منتقل ڪئي. 1970ع کانپوءِ زمين جي منتقليءَ جو هي سڀ کان وڏو منصوبو پڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام حڪومتن ڏانهن هڪ ٻئي کي ويڙهائڻ يا ورهاڱي جي سياست لاءِ نه، پر پنهنجي زندگي آسان بڻائڻ ۽ مسئلن جي حل جي اميد سان ڏسندو آهي. سنڌ حڪومت جا گهر تعمير ڪرڻ ۽ مفت علاج جا منصوبا عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آهن. هن چيو ته حڪومتن جي ذميواري آهي ته عوام کي سهولتون فراهم ڪن ۽ ڏکين حالتن ۾ سندن معاشي تحفظ يقيني بڻائين. سنڌ حڪومت 10 لک گهرن جي تعمير کانپوءِ وڌيڪ 20 لک گهر ٺاهڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ پرعزم آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪهڙي سياسي جماعت معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سندن ساٿ ڏئي ٿي. سياسي پارٽين کي گهرجي ته عوام کي ٻڌائين ته کين معاشي ڏکيائين ۽ ناڪامين مان ڪيئن ڪڍنديون. سندس چوڻ هو ته عوام اهو پڻ ڏسي رهيو آهي ته سياسي جماعتون مسئلن جو حل پيش ڪرڻ بدران نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست ته نه پيون ڪن. موجوده حالتن ۾ سياسي محاذ آرائيءَ بدران عوام کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته وفاقي ادارا عالمي بئنڪ کي اهو باور ڪرائڻ ۾ مصروف هئا ته صوبائي ادارا ڪرپٽ هوندا آهن، پر عالمي بئنڪ سنڌ حڪومت تي اعتماد ڪيو ۽ صوبائي حڪومت عملي ڪم ڪري ڏيکاريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ کي جنهن وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻو پيو، شايد ٻيا صوبا ان جو مقابلو نه ڪري سگهن ها. تنقيد ڪندڙ سنڌ ۾ تعليم جي مسئلن تي ڳالهائڻ بدران حڪومت تي تنقيد ڪندا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪردارڪشي ۽ تنقيد ڪندڙن کي اسان کان سکڻ گهرجي ته عوام جي خدمت ڪيئن ڪئي ويندي آهي. وزيراعظم ٻوڏ دوران سنڌ کي هڪ رپيو به نه ڏنو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عالمي بئنڪ صوبائي حڪومت تي اعتماد ڪيو ۽ اسان ان اعتماد تي پورو لهندي منصوبو مڪمل ڪري ڏيکاريو.










