ٻوڏ متاثرين لاءِ 10 لک گهرن جي تعمير مڪمل ٿي وئي آهي

ٻوڏ متاثرين لاءِ 10 لک گهرن جي تعمير مڪمل ٿي وئي آهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سموري سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 لک گهرن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي.پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ايس پي ايڇ ايف جي تحت 24 ضلعن ۾ 10 لک کان وڌيڪ گهر تعمير ڪيا ويا آهن. ٻوڏ متاثرين کي مستقل ۽ محفوظ رهائش فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ٻوڏ متاثرين جي بحالي کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي.هن چيو ته 2022 جي ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل خاندانن جي لاءِ مستقل گهر تعمير ڪيا پيا وڃن. خيرپور ۾ سڀني کان وڌيڪ هڪ لک 67 هزار 379 گهر مڪمل ڪيا ويا آهن. ٻوڏ متاثر عورتن کي نئين تعمير ٿيل گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن. عورتن کي گهرن جي ملڪيت جا حق ڏيڻ جو قدم انهن جي تحفظ ۽ خودمختاري جي لاءِ اهم آهي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته گهرن جي تعمير سان مقامي مزدورن، مسترين ۽ هنرمند ماڻهن کي روزگار مليو. هائوسنگ منصوبي سان ڏوراهين علائقن جي معيشت کي به هٿي ملي رهي آهي. ڪنهن به مستحق ٻوڏ متاثر خاندان کي گهر کان محروم رهڻ نه ڏينداسين. مستحق ماڻهن جي نشاندهي ۽ تعميراتي معيار يقيني بنائڻ جي لاءِ جديد نظام جي تحت نگراني جاري آهي. سينئر صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سنڌ حڪومت جون ڪوششون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو