ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جي اميد سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. برطانوي ڪچي تيل جو اگهه 92.57 ڊالر في بيرل، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جو اگهه گهٽجي 86.85 ڊالر في بيرل ٿي ويو.متحده عرب امارات جي مربان ڪروڊ آئل جي اگهه ۾ معمولي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جو اگهه 99 ڊالر في بيرل رڪارڊ ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي وڌيڪ حملن جا امڪان گهٽ هجڻ بابت بيان کانپوءِ سيڙپڪارن جا خدشا گهٽجي ويا، جنهن سبب ڪچي تيل جا اگهه گذريل ٻن مهينن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويا.










