750 سرڪاري اسڪول 10 سالن لاءِ نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي منظوري

750 سرڪاري اسڪول 10 سالن لاءِ نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صوبي ۾ پبلڪ سروس کي وڌيڪ فعال بڻائڻ، نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ ذريعي تاريخي قدمن جي هڪ سيريز جي منظوري ڏني جنهن ۾ 750 اسڪولن جي آئوٽ سورسنگ، ڪيٽي بندر کي مئريٽائيم ۽ اقتصادي مرڪز طور ترقي ڏيڻ، سکر جي پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي نئين سر جوڙجڪ ۽ وڏا روڊ ڪنيڪشن منصوبا شامل آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ پي پي پي پاليسي بورڊ جي 53هين اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون (SEZ) لاءِ نظرثاني ٿيل گڏيل منصوبي جي ماڊل، گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل لاءِ 2 ارب رپين جي بريج فنانسنگ ۽ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ، صنعتي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ جديد ڊجيٽل سهولتون متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن جي منظوري پڻ ڏني. اهي فيصلا جن ۾ ستن سرڪاري کاتن جون تجويزون شامل هيون صوبائي حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته نجي شعبي جي مهارت، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ضروري خدمتن کي بهتر بڻايو وڃي، اقتصادي موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، سيد سردار شاهه ۽ ڄام خان شورو؛ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه؛ ايم پي ايز غلام قادر چانڊيو ۽ قاسم سراج سومرو؛ خاص مددگارن ۾ سيد قاسم نويد ۽ محمد علي راشد؛ وڏي وزير جو پرنسپال سيڪريٽري آغا واصف؛ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جو چيئرمين نجم شاهه؛ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر خالد حيدر شاهه ۽ ٻين سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي.
750 اسڪول 10 سالن جي پي پي پي انتظام تحت آئوٽ سورس ڪيا ويندا:
تعليمي شعبي جي هڪ وڏي فيصلي ۾ بورڊ سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ (SSEIP)، سنڌ ارلي لرننگ انهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (SELECT) پروگرام ۽ پيپلز اسڪولز اني شيٽو تحت ٻئي مرحلي ۾ 750 اسڪولن جي آئوٽ سورسنگ جي منظوري ڏني. هن پروگرام ۾ 453 SSEIP اسڪول شامل آهن، جن مان 401 اضافي فنڊنگ تحت ۽ 52 اصل فنڊنگ تحت آهن ان سان گڏ 295 SELECT اسڪول ۽ ٻه انگريزي ميڊيم پيپلز اسڪول شامل آهن. ايجوڪيشن مئنيجمينٽ آرگنائيزيشنز (EMOs) ٽن مهينن جي تياري واري عرصي کانپوءِ، 10 سالن جي سروس مئنيجمينٽ معاهدن تحت اسڪولن جو انتظام سنڀالينديون. نجي آپريٽرز سرڪاري فنڊنگ سان استادن جي پگهارن، غير تدريسي عملي، آپريشنل خرچن، يونيوفارم، اسٽيشنري ۽ ٻين ضروري خدمتن جا ذميوار هوندا. انهن 750 اسڪولن ۾ شاگردن جي گڏيل گنجائش 345,940 آهي جڏهن ته موجوده داخلا 188,852 آهي، جيڪا معياري تعليم تائين رسائي کي وڌائڻ لاءِ وڏو امڪان فراهم ڪري ٿي. بورڊ هڪ ٽيڪنيڪل اينڊ فنانشل ايويلوئيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ڪوالٽي اينڊ ڪاسٽ بيسڊ سليڪشن (QCBS) جو استعمال ڪندي، e-PADS پليٽ فارم ذريعي کليل قومي مقابلي واري ٻولي (اوپن نيشنل ڪمپيٽيٽو بڊنگ) شروع ڪرڻ جي به منظوري ڏني.
ڌابيجي SEZ گڏيل منصوبي ذريعي صنعتي سيڙپڪاري کي راغب ڪندو:
صنعتڪاري کي تيز ڪرڻ ۽ نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ، بورڊ ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري ڏني جنهن تحت اڳوڻي بلڊ-آپريٽ-ٽرانسفر ماڊل کي سنڌ حڪومت (سنڌ اڪنامڪ زونز مئنيجمينٽ ڪمپني – SEZMC جي ذريعي) ۽ نجي سيڙپڪارن جي وچ ۾ گڏيل منصوبي سان تبديل ڪيو ويو آهي. هن انتظام تحت حڪومت زمين، موجوده ترقياتي ڪم ۽ ٻيا طئي ٿيل ان پٽس فراهم ڪندي، جڏهن ته نجي ڀائيوار هن صنعتي زون کي مالي مدد ڏيڻ، ترقيائڻ ۽ هلائڻ لاءِ پنهنجو سرمايو (ايڪوٽي)، ٽيڪنيڪل مهارت ۽ سيڙپڪاري کڻي ايندا. هي منصوبو تقريبن 1,171 ايڪڙ وڪري لائق زمين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 1,071 ايڪڙ صنعتي سرگرمين لاءِ ۽ 100 ايڪڙ تجارتي استعمال لاءِ آهن. ترقياتي ڪم 36 مهينن دوران ٻن مرحلن ۾ رٿيو ويو آهي. بورڊ مقابلي واري ٻن مرحلن واري، ٻن لفافن واري بڊنگ جي عمل ذريعي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن ۾ پري ڪواليفڪيشن، سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه ۽ تجويزون طلب ڪرڻ شامل آهن.
ڪيٽي بندر هڪ مربوط مئريٽائيم ۽ اقتصادي مرڪز طور اڀرندو:
هڪ ٻئي تاريخي فيصلي ۾، بورڊ ڪيٽي بندر کي هڪ مربوط مئريٽائيم، صنعتي، لاجسٽڪس ۽ انرجي حب طور ترقي ڏيڻ جي منصوبي جي تصور جي منظوري ڏني. هن قدم جو مقصد جديد مئريٽائيم بنيادي ڍانچي ۽ ملڪي وڏي توڙي بين الاقوامي نجي سيڙپڪاري جي ذريعي سنڌ جي ساحلي پٽي ۽ انڊس ڊيلٽا جي اقتصادي صلاحيت کي ڪرڻ آهي. تجويز ڪيل ترقي ڇهن وڏن علائقن تي ٻڌل آهي: توانائي ۽ پيٽروليم جو بنيادي ڍانچو، صنعتي ۽ لاجسٽڪ سهولتون، بندرگاهه ۽ مئريٽائيم بنيادي ڍانچو، جهاز سازي ۽ مئريٽائيم خدمتون، ڪميونٽي ۽ سياحتي سهولتون، ۽ ڊجيٽل سيڪيورٽي سسٽم. رٿيل سهولتن ۾ آئل ٽرمينلز، اسٽوريج ٽانڪيون، پائپ لائنون، ڪارگو يارڊ، گودام، صنعتي ۽ برآمدي زون، گهري پاڻي جا برٿ، هڪ جديد فشنگ هاربر، شپ يارڊ، ڊرائي ڊاڪس ۽ مئريٽائيم ٽريننگ جون سهولتون شامل آهن. منصوبي ۾ سياحت، هوٽل، مرينا، هائوسنگ، صحت ۽ تعليم جون سهولتون پڻ شامل آهن، جن کي جهازن جي جديد نگراني، سرويلينس ۽ ايمرجنسي ريسپانس سسٽم جي مدد حاصل هوندي. بورڊ پروجيڪٽ ڊولپمينٽ فيسليٽي (PDF) ذريعي فنڊنگ جي منظوري ڏني ته جيئن تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊيز ۽ هڪ بينڪبل پي پي پي اسٽرڪچر تيار ڪرڻ لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو نجي شعبي جي ڀلائي لاءِ رستو هموار ڪندو.
ڪراچي فنانشل سينٽر جي شروعات جي منظوري:
بورڊ تجويز ڪيل ڪراچي فنانشل سينٽر جي تصور جي پڻ منظوري ڏني، جنهن جو مقصد ڪراچي جي هڪ علائقائي مالي ۽ سيڙپڪاري جي مرڪز واري حيثيت کي مضبوط ڪرڻ آهي. هي قدم مالي خدمتن، بنيادي ڍانچي، توانائي، هائوسنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هڪ جامع فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر تيار ڪرڻ لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز جي خدمتن حاصل ڪرڻ لاءِ PDF فنڊنگ جي منظوري ڏني وئي.
پي پي پي تحت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن :
بورڊ ميسرز دوربين پاران پيش ڪيل تجويز ذريعي ڪراچي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن (SITE) قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ تجويز ڪيل پي پي پي اسٽرڪچر جي منظوري ڏني. هي ڊگري ڏيندڙ ادارو استادن جي تعليم، تعليمي قيادت، تحقيق تي ٻڌل سکيا، جديد تدريسي طريقن ۽ فيڪلٽي جي پيشيورانه ترقي کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيندو. بورڊ پروجيڪٽ جي اسڪوپ، ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر، نجي ڀائيوار جي سرمايي ۽ آپريشنل عزم، سرڪاري مدد ۽ خطرن جي ورهاست جي انتظامن جي منظوري ڏني. بورڊ لاڳاپيل قانوني ۽ ريگيوليٽري گهرجن جي پورائي سان مشروط، پروپوننٽ جي پهرين انڪار جي حق ۽ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ سميت نظرثاني ٿيل فريم ورڪ جي منظوري پڻ ڏني.
ڪراچي پورٽ-قيوم آباد ڪوريڊور ۽ شاهراهه ڀٽو:
بورڊ 16.5 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور سان لاڳاپيل اهم معاملن تي غور ڪيو، جيڪو شاهراهه ڀٽو کي ڪراچي پورٽ جي ايسٽ وارف سان ڳنڍيندڙ هڪ ايڪسيس ڪنٽرولڊ، چار لين وارو ايمپريس وي آهي. ڊيزائن، فنانس، بلڊ، آپريٽ، مينٽين اينڊ ٽرانسفر (DFBOT) انتظام تحت ترقي ڏيندڙ هن منصوبي جو ڪنسيشن پيريڊ 27.5 سال آهي جنهن ۾ 2.5 سال تعميرات جا ۽ 25 سال آپريشن ۽ مينٽيننس جا شامل آهن. بورڊ پروجيڪٽ ڪمپني ۾ ڪلاس-اي ايڪوٽي جي جاءِ تي انفراسٽرڪچر ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ (REIT) اسٽرڪچر متعارف ڪرائڻ جي ڪنسيشنر جي تجويز، ان سان گڏ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ لائسنس معاهدي ۽ فائنل نو اوبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (NOC) سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو. شاهراهه ڀٽو ايمپريس وي لاءِ، بورڊ ندين جي ڪنارن جي تحفظ واري ڪم بشمول سبمرجڊ گرائنز، ميمڻ ڳوٺ وٽ انٽرچينج نمبر 5 تي هڪ اضافي لوپ ۽ ريمپ، ۽ مقرر ڪيل حصن ۾ اسٽريٽ لائٽنگ جي منظوري ڏني.
ڪي ڊي اي پيارڪنگ پلازا ۽ 41 اضافي پيارڪنگ سائيٽون:
ڪراچي جي وڌندڙ پارڪنگ جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ، بورڊ ضياءُ الدين اسپتال، ڪلفٽن بلاڪ 2 جي ويجهو هڪ ملٽي ليول ڪي ڊي اي (KDA) پارڪنگ پلازا جي تصور جي منظوري ڏني. تجويز ڪيل سهولت ڪي ڊي اي جي ملڪيت واري 1,352 اسڪوائر يارڊ جي پلاٽ تي تعمير ڪئي ويندي ۽ ان ۾ 96 ڪارن جي پارڪنگ ۽ 160 موٽرسائيڪلن جي پارڪنگ جي جڳهه سان گڏ محدود تجارتي سهولتون پڻ هونديون. 1.61 ارب رپين جي تخميني لاڳت سان، هي منصوبو ڊيزائن-بلڊ-آپريٽ-ٽرانسفر انتظام تحت 35 سالن جي تجويز ڪيل ڪنسيشن پيريڊ سان ترقي ڏنو ويندو. بورڊ پي پي پي فريم ورڪ تحت ممڪنه ترقي لاءِ ڪلفٽن بلاڪ 1 کان 7 ۽ 9 ۾ ڪي ڊي اي جي ملڪيت واريون 41 اضافي پارڪنگ سائيٽن جو جائزو ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز جي اسڪوپ ۾ شامل ڪرڻ جي به منظوري ڏني.
شاهراهه ڀٽو تي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنٽ سرويلينس:
بورڊ شاهراهه ڀٽو ايمپريس وي تي پوليس جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ سولر پاور تي هلندڙ انٽيليجنٽ سرويلينس ڪيمرائون لڳائڻ جي تجويزن جي منظوري ڏني. تجويزن ۾ ڪورنگي ۽ ملير ضلعن جي سينيئر سپرنٽينڊنٽس آف پوليس (SSPs) پاران نشاندهي ڪيل سيڪيورٽي ۽ حفاظتي اپاءَ، ۽ گڏوگڏ مونيٽرنگ ۽ قانون تي عمل درآمد جي انتظامن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انٽيليجنٽ ڪيمرائون شامل آهن. تجويز ڪيل اپاءَ ڪنسيشن اسڪوپ ۾ تبديلين يا پوليس ڊپارٽمينٽ لاءِ بجيٽ جي فراهمي ذريعي، لاڳاپيل مالي ۽ پروجيڪٽ انتظامن تحت لاڳو ڪيا ويندا.
آءِ ايف سي جي 100 ملين ڊالر جي گارنٽي سهولت منظور:
وڏن بنيادي ڍانچي جي منصوبن لاءِ فنانسنگ کي آسان بڻائڻ لاءِ، بورڊ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (IFC) سان 100 ملين ڊالر تائين جي پارشل ڪريڊٽ گارنٽي جي سهولت جي هڪ ڊرافٽ مينڊيٽ معاهدي جي منظوري ڏني، جيڪا تقريبن 28.5 ارب رپين جي برابر آهي. هي تجويز ڪيل انتظام جنهن ۾ IFC، سنڌ فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پرائيويٽ) لميٽيڊ شامل آهن، چونڊيل پي پي پي منصوبن کي فنانس ڪندڙ بينڪن کي حڪومت جي ٽرمينيشن پيمنٽ جي ذميوارين خلاف گارنٽي فراهم ڪندو جيڪو آءِ ايف سي جي ڊيو ڊيليجنس ۽ جائزي سان مشروط هوندو. اميد آهي ته اها سهولت بينڪن جو اعتماد مضبوط ڪندي، فنانسنگ جي اختيارن کي وسيع ڪندي ۽ وڏن ترقياتي منصوبن جي مالي پڄاڻي کي آسان بڻائيندي. بورڊ ان معاهدي کي باقاعده منظوري لاءِ صوبائي ڪابينا ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪئي.
گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ منصوبي لاءِ 2 ارب رپين جي بريج فنانسنگ:
گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي، وڏي وزير تعميرات، فنانشل ڪلوژر، اضافي ڪمن ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) کان ٻنڊي پيل ڪليئرنس جو معائنو ڪيو. بورڊ چيئرمين پاران 2 ارب رپين جي بريج فنانسنگ جي سهولت جي منظوري جي توثيق ڪئي ته جيئن تجارتي قرض جي فنانسنگ دستياب ٿيڻ تائين تعميراتي سرگرميون جاري رکيون وڃن. هن منصوبي ۾ سنڌو ندي تي 12.2 ڪلوميٽر ڊگهي پل سان گڏ ڳنڍيندڙ اپروچ روڊ شامل آهن، ۽ ان مان اميد آهي ته اها گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائيندي ۽ علائقائي تجارت توڙي آمد و رفت کي آسان بڻائيندي. سکر واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج پروجيڪٽ منظور:
ضروري ميونسپل خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي هڪ اهم قدم ۾ بورڊ سکر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ جي ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري ڏني جيڪا پي پي پي فريم ورڪ تحت سيڙپڪارن کان درخواستون طلب ڪرڻ جو رستو هموار ڪندي. سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ذريعي ترقي ڏيندڙ هن منصوبي جو مقصد شهر جي پاڻي جي فراهمي، تقسيم جي نيٽ ورڪ، سيوريج ۽ ڊرينيج جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ آهي، جڏهن ته ڪارپوريشن جي ادارتي صلاحيت کي پڻ مضبوط ڪرڻ آهي. 2026 ۾ 608,095 جي تخميني آبادي جي بنياد تي، پاڻي جي گهرج موجوده 30 ملين گيلن روزاني (MGD) مان وڌي 2029 ۾ 32 MGD ۽ 2048 تائين 41 MGD ٿيڻ جو امڪان آهي. تجويز ڪيل مداخلتن ۾ واٽر ٽريٽمينٽ ۽ پمپنگ جون سهولتون، ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ، بلنگ ميٽر، سيوريج بنيادي ڍانچو، هڪ اٺ MGD جو سيويج ٽريٽمينٽ پلانٽ، ڊرينيج جي بهتري، ڊجيٽلائيزيشن ۽ ادارتي صلاحيت جي تعمير شامل آهن. بورڊ مقابلي واري بڊنگ لاءِ غير گهريل تجويز سان گڏ ٽرانزيڪشن ۽ رسڪ ايلوڪيشن فريم ورڪ جي منظوري ڏني. بورڊ پروپوننٽ جي پهرين انڪار جي حق ۽ پري ڪواليفڪيشن کان ڇوٽ جي پڻ منظوري ڏني جيڪا نظرثاني ٿيل تجويز جي باقاعده قبوليت ۽ لاڳاپيل قانوني گهرجن سان مشروط آهي جنهن سان سيڙپڪارن کان درخواستون طلب ڪرڻ جو عمل اڳتي وڌي سگهندو. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته منظور ٿيل قدمن کي شفاف مقابلي جي عمل، مضبوط منصوبي جي تياري ۽ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ اثرائتي ريليپ سان عمل درآمد ڏانهن وڌايو وڃي. هن چيو ته حڪومت عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ جي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ عزم سان قائم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو