ڪراچي: لياري مان بلال پپو گروپ جا 2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي: لياري مان بلال پپو گروپ جا 2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياري ڪلاڪوٽ مان بلال پپو گروپ سان لاڳاپيل ٻن ٽارگيٽ ڪلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ اذان ۽ يحيٰ جي نالن سان ٿي آهي، جن جو تعلق لياري گينگ وار جي بلال پپو گروپ سان آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار 2022ع ۾ انسپيڪٽر چاند خان نيازي جي قتل واري ڪيس ۾ مفرور ۽ اشتهاري هئا.پوليس موجب جوابدار لياري گينگ وار جي سرغنه عزير بلوچ جي ڀاءُ زبير جي قتل واري ڪيس ۾ به ملوث ڄاڻايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو