ايران جنگ، پيٽ هيگسيٿ خلاف احتساب جي ڪوشش ناڪام

ايران جنگ، پيٽ هيگسيٿ خلاف احتساب جي ڪوشش ناڪام

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ايوانِ نمائندگان ۾ ريپبلڪن ميمبرن اڱاري ڏينهن بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ خلاف مواخذي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن سان پينٽاگون جي تڪراري سربراهه کي عارضي طور رليف ملي ويو آهي. ايندڙ سال ڊيموڪريٽس جي ڪانگريس جو ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ ممڪن آهي ته هو ٻيهر مواخذي جي ڪوشش ڪن.
ضابطن بابت هڪ تحريڪ تي ووٽنگ هيگسيٿ پاران مواخذي جي ڪوششن کي ڊرامو قرار ڏيڻ ۽ آمريڪي فوج جي سربراهيءَ دوران پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو ڀرپور دفاع ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ ٿي. سندس ان بيان تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ساراهه ڪئي.
ايوان ۾ اٺن مواخذي وارن الزامن کي ريپبلڪنن جي اڪثريت واري ايوان جي عدالتي ڪميٽيءَ ڏانهن موڪلڻ جي حق ۾ 211 ۽ مخالفت ۾ 204 ووٽ پيا. مواخذي جي ڪوشش شروع ڪندڙ آمريڪي نمائندي ٿامس ميسي خبردار ڪيو هو ته ائين ڪرڻ سان اها ڪوشش ختم ٿي ويندي.
ڪينٽڪي سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن ميسي، جيڪو عهدو ڇڏي رهيو آهي، اميد ڪئي هئي ته هيگسيٿ جي پاليسين تي ناراض ۽ ايران خلاف جنگ جي غيرمقبوليت سبب فڪرمند ڪجهه ريپبلڪن ميمبر سندس حمايت ڪندا، پر ڪنهن به ٻئي ريپبلڪن ميمبر سندس ساٿ نه ڏنو.
ڊيموڪريٽس مواخذي جي ڪوشش جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو هو، پر اڳوڻي اسپيڪر نينسي پيلوسي سميت 11 ڊيموڪريٽس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. نينسي پيلوسي جو تعلق ڪيليفورنيا سان آهي.
جيڪڏهن انهن مان اٺ ميمبر ووٽ ڏين ها ته ضابطن بابت اها تحريڪ رد ٿي وڃي ها ۽ ايوان ۾ مواخذي بابت مڪمل ووٽنگ جو رستو کلي وڃي ها. پيلوسي جي آفيس ووٽنگ ۾ سندس غيرحاضريءَ جو سبب ٻڌائڻ لاءِ موڪليل درخواست جو فوري طور جواب نه ڏنو.
ٽرمپ سوشل ميڊيا تي نتيجن جو خيرمقدم ڪندي چيو ته هيگسيٿ خلاف مواخذي جي ڪوشش ”بريءَ طرح ناڪام ٿي وئي آهي!“
ان ڳالهه جو اشارو ڏيندي ته مواخذي واري معاملي شايد ٽرمپ ۽ هيگسيٿ کي وڌيڪ ويجهو آندو آهي، ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران، وينزويلا ۽ ٻين معاملن تي هيگسيٿ جي ڪارڪردگيءَ ”هڪ عظيم آمريڪي محب وطن کي الزامن کان آجو قرار ڏيارڻ جو سبب بڻي آهي.“
جيڪڏهن هيگسيٿ خلاف مواخدو ٿئي ها ته هو مواخذي کي منهن ڏيندڙ پهريون آمريڪي بچاءَ وارو وزير هجي ها. آمريڪي فوج جي ڪنهن به سولين سربراهه خلاف آخري ڀيرو 1876ع ۾ مواخذي جي ڪارروائي ٿي هئي، جڏهن وليم بيلڪنئپ ”جنگ واري وزير“ جي عهدي تي فائز هو.
هيگسيٿ پاڻ کي ”جنگ وارو وزير“ سڏيندو آهي. اهو سندس ان ڪوشش جو حصو آهي، جنهن تحت هو فوج جو نئون تشخص جوڙڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته گذريل سال عهدو سنڀالڻ وقت فوج تمام ڪمزور ۽ ”وڪ“ (سماجي ۽ ثقافتي معاملن بابت حد کان وڌيڪ حساس) ٿي چڪي هئي. ٽرمپ ڪانگريس جي منظوري کان سواءِ بچاءَ واري کاتي جو نالو تبديل نٿو ڪري سگهي.
ايران خلاف جنگ تي ڪاوڙ
ايران خلاف جنگ تي ووٽرن جي ڪاوڙ، جيڪا هاڻي آبنائي هرمز کي محفوظ بڻائڻ واري معاملي تي عملي طور تعطل جو شڪار ٿي چڪي آهي، گذريل هفتي ٿيل وچ مدي وارين چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس کي ڪانگريس جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني.
اڱاري ڏينهن شايع ٿيل رائٽرز/اِپسوس جي هڪ سروي موجب، آمريڪين جي اڪثريت چاهي ٿي ته جنوريءَ ۾ عهدو سنڀاليندڙ نئين چونڊيل ڊيموڪريٽڪ اڪثريت واري ڪانگريس جنگ کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.
جيتوڻيڪ نائب صدر جي ڊي وينس عوامي طور جنگ تي سوال اٿاريا آهن ۽ وچ مدي وارين چونڊن ۾ ريپبلڪنن جي شڪست جو ذميوار به ان جنگ کي قرار ڏنو آهي، پر اڱاري ڏينهن هن هيگسيٿ جي حمايت ڪئي.
وينس سوشل ميڊيا تي لکيو ته ”هي معاملو ايران بابت ناهي، پر ان حقيقت بابت آهي ته پيٽ پينٽاگون جي بيوروڪريسيءَ سان مهاڏو اٽڪايو آهي.“
ووٽنگ کان اڳ ايوان ۾ ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ حڪيم جيفريز سومر ڏينهن چيو هو ته ”پيٽ هيگسيٿ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، آمريڪا جي قومي سلامتيءَ کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ هو ايران ۾ پنهنجي مرضيءَ سان شروع ڪيل لاپرواهيءَ واري ۽ مهانگي ناڪام جنگ جو معمار آهي.“
هيگسيٿ بار بار ان جنگ جو دفاع ڪندي ٽرمپ کي بهادر قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايران جي فوج تباهه ٿي چڪي آهي. هن اهو به چيو ته آمريڪي فوج کي ڏنل سندس حڪم قانوني هئا، جيتوڻيڪ ميسي مٿس ”سنگين ڏوهن ۽ بدانتظامي“ جا الزام لڳايا هئا. انهن الزامن ۾ جنگ پاڻ به شامل هئي ۽ جنوريءَ ۾ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ آمريڪي فوج جي ڪارروائي پڻ شامل هئي.
هيگسيٿ اڱاري ڏينهن ڇهن مهينن کان پوءِ پينٽاگون ۾ پنهنجي پهرين بريفنگ دوران چيو ته ”تاريخ ايران خلاف جنگ کي موجوده عام راءِ کان بلڪل مختلف انداز ۾ ڏسندي.“
جيفريز چيو ته هو ايندڙ ڪانگريس ۾ مواخذي جي نئين ڪوشش شروع ڪرڻ بابت ميمبرن سان ڳالهائيندو. سندس چوڻ هو ته ”اسان مناسب وقت تي ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.“
ڊيموڪريٽس جي اڳواڻيءَ ۾ هيگسيٿ خلاف مواخذي جي نئين ڪوشش وڌيڪ سخت ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ قانون ساز اعليٰ فوجي عملدارن، جنرلن ۽ ايڊمرلن کي بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪري سگهن ٿا، جن کي هيگسيٿ برطرف ڪيو هو ۽ جيڪي هينئر تائين خاموش رهيا آهن.
هيگسيٿ پينٽاگون ۾ تنوع کي هٿي وٺرائڻ وارين ڪوششن تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي. هن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين، جيڪو ڪاري نسل سان تعلق رکي ٿو، ۽ نيوي جي اعليٰ ترين ايڊمرل، جيڪا عورت آهي، سميت ڪيترن ئي عملدارن کي برطرف ڪيو هو.
ڊيموڪريٽس اهڙي ڪوشش دوران ووٽرن جي ڳڻتيءَ وارن ٻين معاملن کي به اٿاري سگهن ٿا، جن ۾ يوڪرين بابت پينٽاگون جي پاليسي ۽ ڪيريبين سمنڊ توڙي پئسفڪ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جي شڪ وارن ٻيڙين تي آمريڪي فوج جا حملا شامل آهن.
ڪجهه ريپبلڪنن جو چوڻ آهي ته ڪانگريس سان هيگسيٿ جا ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا ٽرمپ انتظاميا لاءِ سياسي مسئلو بڻجي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انتظاميا فوجي بجيٽ کي 950 ارب ڊالرن مان وڌائي 1.5 کرب ڊالر ڪرڻ چاهي ٿي.
ميسي ووٽنگ جي نتيجن تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي ريپبلڪنن جو مقابلو ٽائيٽينڪ جهاز جي اهڙن مسافرن سان ڪيو، جيڪي ٻڏندڙ جهاز سان گڏ ٻڏڻ لاءِ به تيار آهن.
هن چيو ته ”انهن کي خبر آهي ته جهاز ٻڏي رهيو آهي، پر پوءِ به هو ان تي سوار رهڻ لاءِ پرعزم آهن.“

پهنجو تبصرو موڪليو