عمران خان، پمز ۾ طبي معائني بعد واپس اڊيالا جيل منتقل

عمران خان، پمز ۾ طبي معائني بعد واپس اڊيالا جيل منتقل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اربع ڏينهن اکين جي بيماريءَ جي جاچ ۽ وڌيڪ علاج لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) آندو ويو، جنهن جي تصديق اسپتال جي هڪ عملدار ڪئي آهي.
پمز جي هڪ عملدار ٻڌايو ته، ”عمران احمد خان نيازي کي 10 ۽ 11 نومبر 2026ع جي وچ واري رات راولپنڊي جي اڊيالا جيل مان اسلام آباد جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) آندو ويو، جتي سندس اکين جي معائني ۽ وڌيڪ علاج لاءِ طبي جاچ ڪئي وئي. اهو قدم سندس علاج ڪندڙ اکين جي ماهر ڊاڪٽر جي صلاح تي کنيو ويو.“
اسپتال جي عملدار وڌيڪ ٻڌايو ته طبي عمل کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم جو طبي معائنو ڪيو ويو، جنهن ۾ اکين جي جاچ پڻ شامل هئي.
عملدار موجب، ”سندس جسم جا اهم طبي اشارا معمول مطابق هئا. سندس طبي حالت مستحڪم هئي ۽ جسماني معائني دوران ڪا غيرمعمولي ڳالهه سامهون نه آئي. مريض جي باخبر رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ نگرانيءَ جي معياري طريقن، احتياطي اپائن ۽ طبي ضابطن تي عمل ڪرڻ کان پوءِ اکين جي ماهرن جي ٽيم اکين جي پردي جي اندر (Intravitreal) اينٽي وي اي جي ايف (Anti-VEGF) انجيڪشن لڳايو.“
هن چيو ته، ”طبي عمل کان اڳ، ان دوران ۽ پوءِ به سندس حالت مستحڪم رهي. وڌيڪ سار سنڀال ۽ ايندڙ معائني بابت ضروري هدايتون ڏيڻ کان پوءِ کيس رات تقريبن 2:30 وڳي اسپتال مان موڪل ڏني وئي.“
اکين جي بيماريءَ سبب اڳوڻي وزيراعظم جو آخري ڀيرو اسپتال وڃڻ جون ۾ رپورٽ ٿيو هو.
عمران خان آگسٽ 2023ع کان جيل ۾ قيد آهي. قيد دوران سندس صحت خراب ٿيندي رهي آهي، جنهن سبب پارٽيءَ جي ميمبرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو آهي.
سندس اکين جي بيماري، يعني ساڄي اک جي ريٽينا جي مرڪزي رڳ بند ٿيڻ (Right Central Retinal Vein Occlusion)، جنوري جي آخري ڏينهن ۾ سامهون آئي هئي. ان کان پوءِ کيس ڪيترائي ڀيرا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
18 آگسٽ تي سپريم ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم کي اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ، جتي عمران خان قيد آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي.
ان رپورٽ ۾ جيل انتظاميا چيو هو ته عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ کي صحت جون مناسب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ سندن صحت ۽ ڀلائي کي ترجيح ڏني پئي وڃي.
بهرحال، رپورٽ سان گڏ شامل ضميمي ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پمز جي ڊاڪٽر اختر علي بنديشاهه پهرين آگسٽ تي عمران خان جو معائنو ڪيو هو. ان موقعي تي هن بلڊ پريشر جي بي قابو ۽ لاڳيتو بدلجندڙ صورتحال، دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ، مٿي ۾ سور ۽ بيچينيءَ جون شڪايتون ڪيون هيون.
اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي انهن علامتن ۽ ذهني دٻاءَ جو هڪ سبب پنهنجي گهرواريءَ، خاندان ۽ سماجي رابطن وارن ماڻهن سان گهٽ ملاقاتن، اخبارن ۽ ٽي وي جي سهولت نه هجڻ کي پڻ قرار ڏنو هو.
سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو هو ته 10 آگسٽ تي پمز جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ميڊيڪل بورڊ پڻ عمران خان جو معائنو ڪيو هو. اهو معائنو مٿي ۾ ڳرائپ ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ جي شڪايت کان پوءِ ڪيو ويو هو.
ميڊيڪل بورڊ کيس روزانو هڪ ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ ۽ جيل جي معمول ۾ نرمي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ان کان علاوه کيس اخبارون، رسالا، ٽيليويزن ۽ ڪتاب فراهم ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني وئي هئي.
بورڊ وڌيڪ سفارش ڪئي هئي ته سندس ويجهن مائٽن يا گهرواريءَ سان ملاقاتن ۽ رابطن جو سلسلو وڌايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان سندس پريشاني ۽ بلڊ پريشر کي ضابطي ۾ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ان کان پوءِ عدالت عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
بهرحال، حڪومت پي ٽي آءِ جي باني کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ۽ بعد ۾ کيس ٻيهر جيل واپس پهچايو.
ان وقت اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ اسپتال ڏانهن ويندڙ رستي ۽ اسپتال جي ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پيدا ڪيل ”سيڪيورٽي صورتحال“ کي منتقليءَ جو سبب قرار ڏنو هو.
پي ٽي آءِ انهن الزامن کي رد ڪندي حڪومت تي الزام لڳايو هو ته هن ڄاڻي واڻي عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو