ازبڪستان پاران 184 مالٽا ايڪسپورٽرز کي اجازت ڏئي ڇڏي

ازبڪستان پاران 184 مالٽا ايڪسپورٽرز کي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هڪ اهم اڳڀرائيءَ ۾ ازبڪستان جي فوڊ سيفٽي ڪميٽي پاڪستان جي 184 نارنگي يعني مالٽا برآمد ڪندڙن ۽ 39 پيڪنگ هائوسز کي ازبڪستان جي مارڪيٽ تائين پهچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اڱاري ڏينهن جاري ڪيل هڪ سرڪاري اعلان موجب، اها منظوري ڪينو جي ايندڙ برآمدي موسم کان اڳ ڏني وئي آهي. اها اڳڀرائي خاص اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته آڪٽوبر 2025ع کان افغانستان سان سرحدون بند آهن.
افغانستان روايتي طور پاڪستاني ميون، خاص طور مالٽن ۽ انبن جي برآمد لاءِ هڪ وڏي منڊي رهيو آهي.
هن منظوريءَ تحت پاڪستان جي کاتي پلانٽ پروٽيڪشن وٽ رجسٽرڊ ڪينو برآمد ڪندڙن کي لاڳاپيل ضابطن ۽ ٻوٽن جي صحت بابت مقرر شرطن تي پورو لهڻ جي صورت ۾ ازبڪستان جي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ٿيندي.
اميد آهي ته ان اڳڀرائيءَ سان پاڪستان جي مالٽن جي برآمد ۾ نمايان واڌ ٿيندي ۽ وچ ايشيا ۾ پاڪستان جي موجودگي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
اعلان موجب، اها ڪاميابي زرعي واپار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جو نتيجو آهي. ان سلسلي ۾ واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري قومي وزارت کاتي، ازبڪستان ۾ پاڪستان جي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ بابت صلاحڪار ۽ ازبڪستان ۾ پاڪستاني سفارتخاني گڏيل سفارتي ۽ فني ڪوششون ڪيون.
اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان، ازبڪستان جي حڪومت پاران سهڪار ڪرڻ کي ساراهي ٿو ۽ زرعي شين جي برآمد لاءِ وڌيڪ منڊيون کولڻ ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو