مهناز معمر کي اپيل آهي ته معمر رانا کي هڪ موقعو وڌيڪ ڏئي: نيئر اعجاز

مهناز معمر کي اپيل آهي ته معمر رانا کي هڪ موقعو وڌيڪ ڏئي: نيئر اعجاز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سينيئر اداڪار نيئر اعجاز تازو خلع وٺندڙ مهناز معمر کي اپيل ڪئي آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس اداڪار معمر رانا کي هڪ موقعو وڌيڪ ڏئي.تازو نيئر اعجاز هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستاني فلمي دنيا، ساٿي فنڪارن ۽ ٻين مختلف معاملن تي کليءَ طرح خيالن جو اظهار ڪيو.انٽرويو دوران سينيئر اداڪار چيو ته سندس خيال ۾ موجوده صورتحال جو ذميوار معمر رانا پاڻ آهي، ڇاڪاڻ ته کيس وقت سان گڏ وڌيڪ سمجهه ۽ پختگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها.هن چيو ته مومي جي خلع واري ڪارروائي کيس اندر تائين ڏکوئي ڇڏيو آهي. اسان جي ڀاڄائي مهناز معمر کي درخواست آهي ته هوءَ معمر رانا کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ۽ ساڻس ٺاهه ڪري. جيڪڏهن ان کانپوءِ به اهڙا واقعا پيش اچن ته پوءِ هوءَ پنهنجا رستا الڳ ڪري سگهي ٿي.نيئر اعجاز اپيل ڪئي ته معمر رانا جا گهرڀاتي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدار اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪن، جن ۾ مٿس بدسلوڪي، جهيڙالو رويو يا نشي جي حالت ۾ گهرڀاتين تي تشدد جا الزام لڳايا پيا وڃن.اداڪار چيو ته معمر رانا سان پيش آيل واقعن تي کيس تمام گهڻو ڏک آهي. معمر هڪ نهايت خوبصورت شخص آهي ۽ الله تعاليٰ کيس بي پناهه عزت ۽ شهرت سان نوازيو، پر اها ڪاميابي گهڻو وقت برقرار نه رهي سگهي.نيئر اعجاز ٻڌايو ته ڪراچي منتقل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي مصروفيتن سبب معمر رانا سان ملاقاتون نه ٿي سگهيون آهن، تنهن هوندي به هو اڄ به سندس لاءِ دعاگو آهي واضح رهي ته اداڪار معمر رانا 1998ع ۾ مهناز پرويز سان شادي ڪئي هئي ۽ هي جوڙو لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن تائين پاڪستاني فلمي صنعت جي مشهور جوڙن ۾ شمار ٿيندو رهيو. پر شاديءَ جي 28 سالن کانپوءِ مهناز معمر لاهور جي فيملي ڪورٽ ذريعي خلع حاصل ڪري ورتي. ٻنهي کي ريا ۽ رانيا نالي ٻه ڌيئرون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو