لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اداڪار ۽ ڪاميڊين رسل برانڊ کي ريپ ۽ ٽن جنسي حملن جي ڏوهه ۾ 10 سال ۽ 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. 51 ورهين جي رسل برانڊ کي سزا ساٿ وارڪ ڪرائون ڪورٽ ۾ ٻڌائي وئي. سندس خلاف ست الزامن تي ٻڌل ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين جاري رهي، جنهن کانپوءِ خميس ڏينهن ساڳئي عدالت جي جيوري کيس ڏوهي قرار ڏنو هو. جج جسٽس بيناٿن چيو ته سمورن ڏوهن جون سزائون گڏ شروع ڪرڻ ضروري ناهي. جج متاثر عورتن جي سامهون اچي شاهديون ڏيڻ ۽ ميٽروپوليٽن پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. رسل برانڊ تي 2004ع کان 2009ع دوران ڇهن عورتن تي جنسي حملا ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا هئا. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ اسمتھ پڻ رسل برانڊ خلاف سامهون اچي وئي آهي. جمائما گولڊ اسمتھ چيو ته 2014ع ۾ هڪ تشدد واري واقعي کانپوءِ رسل برانڊ کي گهر مان ڪڍڻ لاءِ کيس پوليس گهرائڻي پئي هئي. ان وقت جمائما پنهنجي ننڍي عمر جي ٻارن جي ڳڻتي سبب الزامن کي دٻائڻ جو فيصلو ڪيو هو. جمائما جو چوڻ هو ته گذريل ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان سندس رسل برانڊ سان ڪو به رابطو ناهي. هوءَ رسل برانڊ جو شڪار بڻيل انهن عورتن سان گڏ آهي، جن ڪيس ۾ شاهديون ڏئي انصاف جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو.










