ن ليگ ۽ ٻيا ساڳيو راڳ پيا ڳائين،عوامي تحريڪ

ن ليگ ۽ ٻيا ساڳيو راڳ پيا ڳائين،عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سڀاني ڏاهري ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسٽيبلشمينٽ جي مهرن جي، ري سيٽ واري ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري، نواز ليگ جي اڳواڻن خواجه آصف، محسن نقوي ۽ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ هڪ ئي وقت ساڳيون راڳ ڳائي رهيا آهن. فارم 47 جي پيداوار جي حڪمرانن جا چهرا الڳ پر ٻولي، سوچ ۽ عوام دشمن ايجنڊا هڪ آهي. ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ لاءِ مهم هلائڻ سنڌ سميت سمورن ننڍن صوبن جي وجود تي وار آهي. اهڙو عمل 1940ع جي قرارداد، وفاقي اصولن، جمهوري حقن ۽ تاريخي قومن جي وجود تي وار آهي. هنن چيو ته جنرل ايوب خان، جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جهڙن آمرن پنهنجي غير جمهوري اقتدار کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ غير آئيني ۽ غير قانوني ريفرينڊم ڪرايا. اڄ جا حڪمران به انهن آمرن جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن. آمريت جا طريقا اختيار ڪري جمهوريت جو نعرو هڻڻ عوام سان بدترين دوکو آهي. حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي ته ريفرينڊم ڪا جادوءَ جي لٺ ناهي، جنهن سان قومن جي تاريخ، جاگرافيائي وحدت، قومي سڃاڻپ ۽ عوام جا بنيادي حق ختم ڪري سگهجن. ڪنهن به غير قانوني ۽ غير جمهوري ريفرينڊم ذريعي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جو عوام ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اقتدار جي حوس ۾ سنڌ جي قومي وجود ۽ وحدت سان سوديبازي ڪرڻ بند ڪري. بلاول ڀٽو زرداري اقتدار جي مفادن خاطر سنڌ جي ورهاست واري ايجنڊا جو حصو بڻجي رهيو آهي. سنڌ جي عوام کي ري سيٽ جي نالي ۾ انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن جي نالي ۾ بيوقوف بڻائڻ جون ڪوششون بند ڪيون وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪنهن جاگيردار، حڪمران، سياسي پارٽي يا اسٽيبلشمينٽ جي ملڪيت ناهي، جنهن کي اقتدار جي سوديبازيءَ ۾ ٽڪرا ڪري ورهايو وڃي. سنڌ هزارين سالن کان سنڌي ماڻهن جو تاريخي، قومي ۽ تهذيبي وطن آهي. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي ڳالهائڻ جو اختيار ڪنهن به فرد ۽ حڪمران کي ناهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي زمينن، ٻيٽن، درياهه، قدرتي وسيلن ۽ قومي وجود تي هڪ پاسي قبضي جون ڪوششون جاري آهن ته ٻئي پاسي نون صوبن ۽ ريفرينڊم جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. سنڌ جا ماڻهو اهڙي ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪندا. حڪمرانن کي خبردار ٿا ڪريون ته سنڌ کي سياسي تجربن جي ليبارٽري ۽ اقتدار جي سوديبازيءَ جي بازار جو وکر نه سمجهن. سنڌ جي وحدت تي سوديبازي ڪندڙن کي تاريخ ۽ عوام جي عدالت ۾ جواب ڏيڻو پوندو. سنڌ جي قومي وحدت، تاريخي وطن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ سنڌ جو عوام هر غير جمهوري ۽ غير قانوني عمل کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو